Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
نڪتو آهي ۽ ان نڪتي کي عَلَّامه اِبۡنِ حجر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان ڪيو آهي: اچو! ان نڪتي کي ٿورو آسان انداز ۾ سمجھون ٿا۔
ذهن ۾ هڪ سُوال اُڀري ٿو: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي لاءِ اها ئي دُعا ڇو گھري؟ ڪا ٻي دُعا ڇو نه گھري؟ حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه جي حق ۾ به حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا گھري هئي: اَللّٰہُمَّ عَلِّمْہُ الْکِتَابَ اِلٰهي! عبد الله بن عباس کي قرآنِ ڪريم جو عِلم عطا فرماءِ۔ اهڙي طرح ٻين صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي لاءِ پڻ مختلف دُعائون گھريون، آخر حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اها ئي دُعا ڇو گھري ته اِلٰهي! معاويه کي هدايت يافته به بڻاءِ، هدايت ڏيڻ وارو به بڻاءِ۔
هن سُوال جو جيڪو جواب علّامه اِبۡن حَجَر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڏنو آهي، ڇا ته ڪمال ڳالھ ڪئي آهي! فرمائن ٿا: اهڙي دُعا جيڪا دُنيا ۽ آخرت جا بلند مرتبا ڏيارڻ واري آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙي دُعا صِرف اُن جي لاءِ فرمائي سگھن ٿا جنهن جي متعلق سندن کي خبر هجي ته هي شخص هن رتبن جو اَهل آهي ۽ انهن رُتبن جي صلاحيت به رکي ٿو۔([1])
مطلب هي آهي ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو شان عطا فرمايو آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صِرف ظاهر کي نٿا ڏسن، باطِن کي به مُلاحظه فرمائين ٿا، حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سامهون واري جي قابليت کي ڏسي دُعا فرمائيندا هئا. حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي متعلق به جڏهن دُعا فرمائي ته يقيناً پنهنجي يقيني عِلم جي ذريعي سندن قابليت کي سڃاڻي ورتو ته حضرت امير مُعَاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه هادِي بڻجڻ جي به صلاحيت رکن ٿا ۽ مَهدِي (هدايت يافته) بڻجڻ جي به صلاحيت رکن ٿا، لهٰذا رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا گھري: اَللّٰہُمَّ اجْعَلْہُ ھَادِیًا مَہْدِیاً (اِلٰهي! معاويه کي هدايت ڏيڻ وارو به بڻاءِ، هدايت يافته به بڻاءِ)۔
ڄڻ ته هي دُعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صِرف دُعا نه آهي، هڪ اعتبار سان