Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

هادي ۽ هدايت يافته جون فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي هي ته خبر پئجي وئي ته جيڪو شخص هدايت يافته هجي، ٻين کي هدايت ڏيندو به هجي، اهو ٻين ٻن قسمن جي ماڻهن کان افضل آهي پر هن ٻانهي جو پنهنجو درجو ڪهڙو آهي؟ اچو! هي ڳالھ شهزادهءِ رسول يعني حُضُور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سکي وٺون ٿا۔ حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: * هي شخص (جيڪو پاڻ هدايت تي هجي ۽ ٻين کي هدايت جو رستو ڏيکاري، اِهو) الله پاڪ جي مَعْرِفت رکڻ وارو آهي * هي اهو آهي جنهن کي الله پاڪ پنهنجي آيتن (يعني نشانين) جو عالِم بڻايو آهي * هن جي دِل ۾ نادِر و ناياب عِلم جا موتي رکيا ويا آهن * هي پسنديده ٻانهو آهي * هي مقبول آهي * الله پاڪ ان کي هدايت عطا فرمائي * الله پاڪ ان کي پنهنجي قُرب ۾ ترقي عطا فرمائي * عِلم جي لاءِ ان جو سينو کولي ڇڏيو * ان کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو * عذابات کان ڊيڄارڻ وارو بڻايو * هي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو سچو نائب آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! رسولِ اڪرم، نورِمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي حق ۾ چند لفظن جي دُعا فرمائي ۽ هن چند لفظن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون فضيلتون گھري ورتيون...! سُبْحٰنَ الله !

انہیں دُعا نبی نے دی مہدی اور ہادی کی    ہر ایک شک سے دُور ہے، ہدایتِ معاویہ

دُعاءِ مصطفيٰ بابت ايمان افروز نڪتو

 اي عاشقانِ رسول! هن دُعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بابت هڪ ٻيو ايمان افروز


 

 



[1]...شرح فُتُوح الغیب، صفحہ:353۔