Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
قدر فرمائيندو آهي جو الله پاڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ مان نڪتل دعائن جي ڪيتري قدر فرمائيندو هوندو...! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيتري خوبصُورت ڳالھ لکن ٿا:
اِجابت نے جُھک کر گلے سے لگایا بڑھی ناز سے جب دُعائے محمد
اِجابت کا سہرا عِنایت کا جوڑا دُلہن بن کے نکلی دُعائے محمد
هدايت جي مُعَاملي ۾ ماڻهن جون ٽي قسمون
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون دُعائون الله پاڪ جي بارگاھ عالي ۾ مقبول آهن، هاڻي ڏسو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي لاءِ ڪيتري خوبصورت دُعا گھري آهي: اَللّٰہُمَّ اجْعَلْہُ ھَادِیًا مَہْدِیاً ([1]) اي الله پاڪ! معاويه کي هادي به بڻاءِ، مهدي به بڻاءِ (يعني هي پاڻ به هدايت يافته ٿين، ٻين کي به هدايت ڏين)۔
عالم سڳورا فرمائن ٿا: ماڻهن جون 3 قسمون آهن: 1: ڪجھ اهي آهن جيڪي پاڻ ته هدايت تي آهن پر ٻين کي هدايت نٿا ڏين، ڪيترائي اهڙا گمنام نيڪ ٻانها آهن جن پاڻ کي مخلوق کان پري ڪري ڇڏيو، غارن ۾ رهي عبادت ڪندا رهن ٿا، هي پاڻ هدايت تي آهن پر ٻين کي هدايت نٿا ڏين 2: ڪي ماڻهو اهي آهن جيڪي ٻين کي ته هدايت ڏين ٿا، نيڪي جي دعوت ڏين ٿا، بيان ڪن ٿا، درس ڏين ٿا، چڱيون ڳالهيون ٻڌائن ٿا پر هو پاڻ هدايت تي ناهن هوندا، پاڻ گُنَاھ ڪندا آهن 3: ٽئين قسم جا ماڻهو اهي آهن جيڪي پاڻ به هدايت تي آهن، ٻين کي به هدايت ڏين ٿا۔ هي سڀني کان اَفضَل آهن، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اها ئي دُعا فرمائي ته ياالله پاڪ! معاويه کي سڀ کان اَفْضَل درجي ۾ رک! ان کي هدايت يافته به بڻاءِ ۽ ٻين کي هدايت ڏيڻ وارو به بڻاءِ۔ ([2])