Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
دُعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وَضَاحت
اي عاشقانِ رسول! هن ايمان افروز دُعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سمجھڻ جي ضرورت آهي۔ سڀ کان پهريان ته هي ڳالھ ذِهن ۾ رکو ته اسان جا پيارا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُسْتَجَابُ الدَّعْوات آهن يعني پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون دُعائون قبول ٿينديون آهن، بلڪ * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ته هي آهي جو آسمان جي طرف نگاھ کڻن ته الله پاڪ قبلو تبديل فرمائي ڇڏي ٿو، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
قَدْ نَرٰى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِی السَّمَآءِۚ-فَلَنُوَلِّیَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضٰىهَا۪- (پاره:2،سورۂ بقرۃ:144)
ترجَموڪنزُالعرفان: اسان توهان جي چهري جو آسمان ڏانهن باربار کڻڻ ڏسي رهيا آهيون پوءِ ضرور اسان توهان کي ان قبلي ڏانهن ڦيري ڇڏينداسين جنهن ۾ توهان جي خوشي آهي.
الله اَڪبَر! حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ادا فرما رهيا هئا، انهي ء حالت ۾ آسمان جي طرف نگاھ فرمائي، الله پاڪ فرمايو: اي محبوب! اسان اوهان جو آسمان جي طرف نگاھ کڻڻ ڏسي رهيا آهيون، اوهان انهيء قبلي جي طرف رُخ ڪريو! جنهن قبلي تي اوهان راضي آهيو۔
خُدا کی رضا چاہتے ہیں دو عالَم خُدا چاہتا ہے رضائے محمد([1])
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هي شان آهي * جو پاڻ آڱر کڻن، ته چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي ويندو آهي * حُضُور، فخرِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اشارو ڪن، ته الله پاڪ لٿل سج واپس موٽائي ڇڏيندو آهي * غور فرمايو! اهو الله پاڪ جيڪو پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اشارن جي ايتري