Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

وقت حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه حاضِر ٿيا، ٻي ڏينهن وري ارشاد فرمايائون: هينئر توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو، ان ڏينهن به حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه حاضِر ٿيا، ٽئين ڏينهن وري ارشاد فرمايائون: هاڻي توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو۔ (سُبْحٰنَ الله!) ٽئين ڏينهن به حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه ئي حاضِر ٿيا۔ ([1])

مُعاويه! مان توهان مان آهيان، توهان مون مان آهيو

هڪ روايت ۾ آهي، حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي فرمايو: معاويه! مان توهان مان آهيان ۽ توهان مون مان آهيو، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 2 آڱرين کي گڏائي فرمايو: جنّت جي دروازي تي توهان مون سان گڏ هن طرح هوندؤ۔([2])

کاتِبِ وحیِ خُدا ہیں اِذْن سے سرکار کے                   اور قطعی جنّتی بھی ہیں بفرمانِ رسول

امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه هادي ۽ مَهدي آهن

تِرمذي شريف ۾ آهي، حضرت عبد الرحمٰن بن ابو عمير رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي حق ۾ هيئن دُعا گُھري: اَللّٰہُمَّ اجْعَلْہُ ھَادِیًا مَہْدِیاً وَاہْدِ بِہٖ اي الله پاڪ! معاويه کي هادِي (يعني ٻين کي هدايت ڏيڻ وارو) بڻاءِ، هدايت يافته به بڻاءِ ۽ ان جي ذريعي ماڻهن کي هدايت عطا فرماءِ۔ ([3])

ہادی و مہدی بھی ہیں اور ہیں ذریعہ رُشْد کا    اُن کے دُشمن کی کوئی نیکی نہیں ہر گز قبول


 

 



[1]...مسند الفردوس، جلد:5، صفحہ:482، حدیث:8830۔

[2]...مسند الفردوس، جلد:5، صفحہ:393، حدیث:8530۔

[3]...ترمذی، کتاب:المناقب عن رسول اللہ، باب:مناقب معاویہ، صفحہ:866، حدیث:3846۔