Faizan e Ameer Muawiya

Book Name:Faizan e Ameer Muawiya

الله ۽ رسول مُعَاوِيه سان محبت ڪن ٿا

اِبنِ عساڪر ۾ آهي، هڪ ڏينهن پيارا آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ حبيبه رَضِىَ اللهُ عَنْها وٽ تشريف وٺي آيا، ان وقت حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه به اتي هئا ۽ سندن پياري ڀيڻ يعني اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ حبيبه رَضِىَ اللهُ عَنْها سندن مٿي ۾ ڪنگھي ڪري رهي هئي ڀيڻ ڀاءُ جو اِهو پيار ڀريو انداز ڏسي الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي اُمِّ حبيبه! ڇا توهين معاوِيه سان محبت ڪريو ٿيون؟ عرض ڪيائين: هي منهنجو ڀاءُ آهي، ڀلا ان سان محبت ڇو نه هوندي؟ مالِڪ جنّت، صاحبِ ڪوثَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: الله ۽ رسول به معاويه سان محبت ڪن ٿا۔ ([1])

حضرت ابودرداء رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروِي هڪ ٻي روايت ۾ آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي اُمِّ حبيبه! معاويه سان محبت ڪيو! بيشڪ مان معاويه سان محبت ڪيان ٿو ۽ مان ان شخص سان به محبت ڪيان ٿو جيڪو معاويه سان محبت رکي ٿو، جبرائيل به معاويه سان محبت ڪن ٿا، ميڪائيل به معاويه سان محبت رکن ٿا ۽ اي اُمِّ حبيبه! جبرائيل ۽ ميڪائيل عَلَيهمَا السَّلَام جي محبت کان وڌيڪ الله پاڪ به ان سان محبت فرمائي ٿو۔([2])

معاویہ کے پیار سے ہمارا بیڑا پار ہے        گناہ بخشوائے گی شفاعتِ معاویہ

جو عاشقِ رسول ہیں وہ ان سے پیار کرتے ہیں      فقط منافقوں کو ہے عداوتِ معاویہ

ٽي ڀيرا جنّت جي بِشَارت

حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا کان روايت آهي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هاڻي توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو۔ ان


 

 



[1]...ابن عساکر، جلد:59، صفحہ:89۔

[2]...ابن عساکر، جلد:59، صفحہ:89۔