Book Name:Faizan e Ameer Muawiya
معاویہ کی عظمتوں پہ جان و دِل فدا کرو معاویہ پہ منقبت لکھا کرو! پڑھا کرو!
معاویہ کہا کرو! معاویہ کہا کرو!
معاویہ سے پیار تھا، معاویہ سے پیار ہے معاویہ کا ذِکْرِ خیر جابجا کیا کرو!
معاویہ کہا کرو! معاویہ کہا کرو!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مختصر تعارُف
اي عاشقانِ رسول! * حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه اَوّلُ ملوڪِ اسلاميہ (يعني اسلامي تاريخ جا سڀ کان اوّل بادشاھ) آهن * مڪه مڪرمه جي مشهور سردار حضرت ابو سفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه جا صاحبزاده آهن * سندن مبارڪ نالو: مُعَاوِيه * ڪُنيت: ابو عبد الرحمٰن ۽ * ناصِرُ الدِّين (يعني دِين جا مدد گار)، ناصِرُ الْحَقّ (يعني حق جا مدد گار) سندن لقب آهن * حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِعلانِ نبوت فرمائن کان 5 سال پهريان مڪه مڪرمه ۾ پيدا ٿيا * سندن قد مبارڪ دراز (يعني ڊگھو) هو * رنگت سفيد ۽ خوبصُورت * شخصيت رُعب دار هئي * مٿي ۽ ڏاڙھي مبارڪ ۾ مهندي لڳائيندا هئا * گهڻي حِلم وارا، بُردبار، باوقار، مالدار، ماڻهن ۾ سردار، ڪرم فرمائڻ وارا ۽ انصاف قائِم ڪرڻ وارا هئا * عَلّامه حُسَين بن محمد دِيار بَڪري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه رُعب ۽ دبدبي وارا، ڏاها، بهادر، سخي ۽ بُردبار بادشاھ هئا * حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه صلح حُدَيبيه جي ڏينهن يعني 6 هجري ۾ اسلام قبول ڪيو۔([1])