Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
شيطان نفساني خواهشن جي وسيلي سان انسان تي حملو ڪندو آهي (لهٰذا نفساني خواهشون جيتريون گھڻيون هونديون، شيطان ٻانهي تي اوترو ئي وڌيڪ حملو ڪندو، جيڪڏهن اسان نفساني خواهشن کي گھٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته شيطان جون راھون بند ڪري سگھون ٿا) ۽ نفساني خواهشون کائڻ پيئڻ سان حاصِل ٿينديون آهن (جيڪڏهن اسان کائڻ پيئڻ ۾ ڪمي ڪيون ته ان جي برڪت سان نفساني خواهشون به گھٽ ٿي وينديون ۽ شيطان جو رستو بند ٿي ويندو)۔([1]) الله پاڪ جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ شيطان انسان ۾ رت جيان ڊوڙي ٿو، بک جي ذريعي ان جي رستن کي تنگ ڪيو۔([2])
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ روزو رکڻ سان اسان جون نفساني خواهشون گھٽ ٿين ٿيون، جڏهن نفساني خواهشون گھٽ ٿينديون آهن ته ان جي برڪت سان اسان شيطان جي حملن کان محفوظ ٿيندا آهيون ۽ جڏهن اسان شيطان جي حملن کان محفوظ ٿيندا آهيون ته اسان جي رُوح کي طاقت ملندي آهي، گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو آهي ۽ اسان جي دِل روشن ٿي ويندي آهي۔ جڏهن دِل روشن ٿيندي آهي ته الله پاڪ جي، ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت وڌندي آهي ۽ عِبَادت ۾ لذّت نصيب ٿيڻ لڳندي آهي۔ ان ڪري صُوفي سڳورا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهُم فرمائن ٿا: اَلْجُوْعُ رَاْسُ مَالِنَا يعني بُک اسان جو سرمايو آهي۔ مطلب هي ته اسان کي جيڪا وُسعت، سلامتي، عِبَادت ۾ لذَّت، نفعي بخش عِلم حاصِل ٿئي ٿو، هي الله پاڪ جي لاءِ بُک اختيار ڪرڻ ۽ ان تي صبر ڪرڻ سبب حاصِل ٿئي ٿو۔([3])
بھوک سرمایہ بنے میرا خُدائے ذُو الجلال از طفیلِ مصطفےٰ کر بھوک سے مجھ کو نِہال
وضاحت: نهال جو معنيٰ آهي: مَسرُور، خوش۔ مطلب هي ته ياالله پاڪ! پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ مون کي بک ۾ خُوش رهڻ