Book Name:Rajab ALLAH Ka Mahina Hai
توانائي ۽ هوا مان نمي وغيره حاصِل ڪندا آهن، اسان کي خبر آهي ته سال ۾ هڪ موسم سرءُ جو ايندو آهي، ڄڻ هي وڻن جي روزي رکڻ جو انداز آهي، ان وقت وڻن جا پن ڇڻندا آهن، هي ٻاهران کان خوراڪ وٺڻ بند ڪندا آهن، پوءِ جڏهن انهن جو هي ڪورس مڪمل ٿي ويندو آهي ته بهار اچي ويندي آهي، وڻن جا نوان پن نڪرندا آهن، نوان گونچ نڪرندا آهن، هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ ٿي ويندي آهي۔
ڄڻ ته انسان ئي نه دُنيا جا ٻيا جاندار به پنهنجي پنهنجي انداز ۾ روزي جھڙو عَمَل ڪندا آهن ته انهن سان انهن ۾ نئين تازگي ايندي آهي، انهن کي نکار ملندو آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن انسان به روزو رکي ته ان جي برڪت سان ان کي به نئين تازگي ملندي، ان جي جسماني صحت ۾ به نکار ايندو ۽ اهو بهترين نشو و نُما حاصِل ڪري سگهندو ۔
سُبحٰنَ الله! هاڻي ٻڌو حديثِ پاڪ: صُوْمُوْا تَصِحُّوْا روزو رکو! صحت مند ٿي ويندؤ!!
اي عاشقانِ رسول! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ فرمان ڪيترو سچو آهي، اڄ ميڊيڪل سائنس سوين صفحن تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي، اسان جي پياري آقا، نورِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 1400 سال پهريان صِرف ٻن لفظن ۾ هي سڀ ڪجھ بيان فرمايو هو۔
میں نثار تیرے کلام پر ملی یُوں تو کس کو زباں نہیں
وہ سخن ہے جس میں سخن نہ ہو، وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں([1])
وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان اوهان جي پياري پياري ڪلام تي قربان وڃان جو زبان ته سڀني کي عطا ٿي آهي پر اوهان جو مٺو ڪلام رڳو اوهان ئي جو ڪلام آهي، جيڪا ڳالھ اوهان فرمايو، اُتي سڀني جا ڪنڌ جھڪي ويندا آهن، ڪنهن کي اعتراض جي مجال ناهي رهندي ۽ اوهان جو