Book Name:Safai Suthrai
* امام بيهقي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روايت ڪن ٿا ته جيڪو خوش نصيب سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان هٿ ملائڻ جو شرف حاصِل ڪندو هو ته سڄو ڏينهن اُن جي هٿ مان لاڳيتو خوشبو ايندي رهندي هئي * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن ٻار جي مٿي تي هٿ رکندا ها ته خوشبو جي ڪري اهو ٻار تمام ٻارن ۾ سڃاتو ويندو هو.([1]) * اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا، سندن پيشاني مبارڪ تي پگھر آيو، مون ڏٺو ته ان مبارڪ پگھر جي قطرن مان نُور نڪري رهيو هو۔([2])
آبِ ذَرْ بنتا ہے عارِض پہ پسینہ نُور کا مصحفِ اعجاز پہ چڑھتا ہے سونا نُور کا([3])
وضاحت:نُور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڳل تي جڏهن نُوراني پگھر ايندو هو ته ڄڻ اهو آبِ ذَر يعني سون جو پاڻي آهي ۽ اهو اهڙو نظارو پيش ڪندو آهي جيئن قرآنِ ڪريم تي سون جو پاڻي لڳايو ويو هجي۔
* حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: جڏهن ڪنهن کي جانِ ڪائنات، فَخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيڻو هوندو هو (ته اهو پڇڻ جي ضرورت نه پوندي هئي ته حُضُور ڪٿي تشريف فرما آهن بلڪ) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ خُوشبو کي سُونگھندي سُونگھندي نڪري پوندو هو ۽ حُضُور اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي ويندو هو۔([4])