Book Name:Naikiyan Chupaiy

*اهڙي طرح اُمُّ المُؤۡمِنِيۡن حضرت زينب رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا سان نڪاح جي وقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وليمي ۾ سڄي هڪ ٻڪري ذبح فرمائي، اهو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرفان ڪيل وليمن مان وڏو وليمو هو۔  (بخاری، کتاب: النکاح، باب: الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ: 1330، حدیث: 5168)

وليمي جي دعوت بابت مدني گل: * وليمو مرد جي حيثيت جي مطابق آهي، مثال طور غريب آهي ته پنهنجي حيثيت جي مطابق دعوت جو اهتمام ڪري، امير پنهنجي حيثيت جي مطابق (فتح الباری، کتاب: النکاح، باب: الولیمۃ ولو بشاۃ، جلد: 9، صفحہ: 293، تحت الحدیث: 5167) * وليمو شبِ عروسي کان بعد ڪرڻ سُنّت آهي، ڪجھ ماڻهو نڪاح کان پهريان ئي وليمو ڪندا آهن، هن طرح ڪرڻ سان سُنّت ادا نه ٿيندي۔ * وليمي جي دعوت قبول ڪرڻ سنت آهي، البت جنهن وليمي يا دعوت جي باري ۾ معلوم آهي ته اتي خرافات (مثال طور ڳائڻ نچڻ ٿيندو، يا عورتون ۽ مرد گڏ هوندا) ته اتي نه وڃجي۔ (بہارِ شریعت، جلد: 3، صفحہ: 392، حصہ: 16خلاصۃً)

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد