Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

نمازِ پنجگانه جي علاوه ٻين نفلن مثال طور صلوٰة التّوبه، تهجّد، اشراق ۽ چاشت جي نمازن جو اهتمام ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي مختلف موقعن تي بيانات جو سلسلو رکيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪڏهن والدين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ۽ حسن سلوڪ سان پيش اچڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي، ڪڏهن ڪوڙ، غيبت، چغلي، حسد، تڪبر وغيره جهڙي باطني مرضن کان نفرت ڏياري ويندي آهي۔ اهڙي طرح انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تنظيمي تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، ته جيئن دورانِ تعليم ۽ درس نظامي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ شاگرد اسلامي ڀائر اسلامي ڀائرن ۾ ۽ پنهنجي گھر وارن ۾ دعوت اسلامي جي طريقيڪار جي مطابق نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ۽ طالبات ٻين اسلامي ڀينرن ۽ پنهنجي محارم رشتيدارن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪنديون رهن۔

 تنظيمي ۽ اخلاقي تربيت جو نتيجو آهي جو جامعة المدينه جا طلبه ڪرام مجلس جي ڏنل جدول جي مطابق مدني قافلن ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندا آهن، جامعة المدينه جي آس پاس 12 ديني ڪمن کي عام ڪرڻ جي لاءِ ذمّه داريون سنڀاليندا آهن ۽ اَلْحَمْدُلله! جامعة المدينه جا استاد سڳورا ۽ شاگرد سڳورا اِمامت ۽ خطابت جو فريضو به سرانجام ڏئي رهيا آهن، جن جي ڪري کوڙ مسجدون آباد آهن۔ ڪيئي استاد ۽ شاگرد "جامعة المدينه و مدرسة المدينه آن لائن" جي ذريعي سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي تعليمِ قرآن ۽ علمِ دِين جي روشني سان منور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن، ڪيئي استاد ۽ شاگرد دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجون دِيني خدمتون پيش ڪري رهيا آهن۔

اهڙي طرح جامعة المدينه (گرلز) جون مُدرِّسات ۽ طالبات (يعني پڙھائڻ واريون اسلامي ڀينرون ۽ شاگردياڻيون) به دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن ۾ ٿيڻ وارن مدني ڪمن ۾ حصّو وٺڻ جي سعادت حاصل ڪنديون آهن۔ اسلامي ڀينرن جي عالمي مجلس مشاورت جي تحت اسلامي ڀينرن جي 8 ديني ڪمن ۾ عملي