Book Name:Bilal Habshi Ki 8 Hikayaat

ٻڪري آهي، ان ۾ منهنجو کاڌو آهي (يعني مان غُلام آهيان، تمام ٻڪريون منهنجي مالِڪ جون آهن، انهن مان هڪ ٻڪري جو کير منهنجي لاءِ مقرر آهي) جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پنهنجي حصي جو کير اوهان جي لاءِ ايثار ڪري سگھان ٿو۔

پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اها ٻڪري ڪاهي اچو! غُلام ٻڪري ڪاهي حاضِر ٿيو، معجزا ڏيکاريندڙ نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پيالو کنيو پنهنجي قُدرت واري، بي مثال هٿن سان ان ٻڪري جو کير ڏوهي پيالو ڀريائون، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کير پيتو، وري کير ڏوهي پيالو ڀري حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللّهُ عَنه کي عطا فرمايو، ان به پيٽ ڀري پيتو، آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽئين ڀيري ٻڪري جو کير ڏوهي پيالو ڀري ان غلام کي عطا فرمايو، ان غُلام به پيٽ ڀري کير پيتو۔ ٽن ماڻهن پنهنجي حاجت جي مطابق کير پيتو، ان جي باوُجُود ٻڪري جا ٿڻَ اڃا به کير سان ڀريل هئا۔ اهو معجزو ڏيکارڻ کان بعد مبلغِ اَعظم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ہَلْ لَکَ فِی الْاِسْلام؟ يعني اي غُلام! ڇا اسلام قبول ڪندين؟

نُوراني چهرو، خوبصُورت ادائون، مٿان وري اهو معجزو، اهو سڀ ڏسي اهو غُلام عاشِق ته پهريائين ٿي چڪو هوندو۔ هاڻي اِسلام جي دعوت ٻُڌي يڪدم اڳتي وڌي محبوب رَبّ، سردارِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هٿن تي اِسلام قبول ڪري ورتو۔

سرکش جو تھے قائِل ہوئے، دُشمن جو تھے مائِل ہوئے       مَسْحُور کُن ہے کس قدر یامصطفےٰ لہجہ ترا

پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن ته مڪي جا ڪافر ايمان آڻيندڙن تي ظُلم ڪندا هئا، تنهنڪري حڪمت جي پيڪر، سلطانِ بحر و بر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان عظيم عاشِقِ رسول کي في الحال ايمان لڪائڻ جو حڪم ڏنو۔ ان ڪري هو غُلام حُڪمِ مصطفيٰ تي لبيڪ چوندي واپس هليو ويو۔