Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

وَ تُعِزُّ مَنْ تَشَآءُ وَ تُذِلُّ مَنْ تَشَآءُؕ-  (پاره3،سورۂ آلِ عمران:26)                  

ترجمو ڪنزالايمان: ۽  جنهن کي گهرين عزت ڏين ۽ جنهن کي گهرين ذلت ڏين.

کسی کو تاجِ وقار بخشے، کسی کو ذِلَّت کے غار بخشے

جو سب کے ماتھے پہ مُہْرِ قُدْرت لگا رہا ہے، وہی خُدا ہے

اَصۡل ۾ اهو هڪ امتحان هوندو آهي، انسان کي پرکيو ويندو آهي، ڏٺو ويندو آهي: ڪير ڪيئن آهي؟ الله پاڪ ته سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو، ان کي خبر آهي ته ڪير نيڪ آهي، ڪير بَد آهي، الله پاڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير واقعي نيڪ آهي ۽ ڪير صِرف نيڪ نظر اچي ٿو، الله پاڪ کي ته جاچڻ جي، امتحان جي حاجت ئي نه آهي پر انسان جي اندر جو جيڪو جَوهر آهي، هڪ سٺي انسان جي اندر جي جيڪا چڱائي آهي ۽ هڪ بُري انسان جي اندر جو جيڪو شيطان آهي، ان کي دُنيا جي سامهون ظاهر ڪيو ويندو آهي، بادشاهن کي غُلام بڻائي، غُلامن کي بادشاھ بڻائي اِنسان جي حقيقت کان پردو کنيو ويندو آهي، ڪيترا ئي اهڙا جيڪي بادشاھ بڻجي، ڪنهن وڏي عهدي تي رهي، منصب تي رهي وڏا نيڪ هوندا آهن، وڏا شڪر گذار هوندا آهن، وڏا رحم دِل هوندا آهن پر جڏهن انهن کان بادشاهي کسجي ويندي آهي، جڏهن انهن کان منصب ورتو ويندو آهي، تڏهن انهن جي اندر جو اَصل انسان نِروار ٿي سامهون ايندو آهي، تڏهن اهي پنهنجي اُنهيء رَبّ سان شڪوه ڪرڻ لڳندا آهن جنهن انهن کي بادشاھ بڻايو هو، جنهن انهن کي عهدو ۽ منصب ڏنو هو، اهي ماڻهو اصل ۾ الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارا ناهن، اهي پنهنجي منصب ۽ عهدي سان محبت ڪرڻ وارا هوندا آهن، ڪيئي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي فقير هجن، غريب هجن ته وڏا نيڪ هوندا آهن، رحم دِل، شڪر گذار هوندا آهن پر جيئن ئي