Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ ڪيئي هنڌن تي بني اسرائيل جو تذڪرو آهي۔

بني اِسرائيل جو اباڻو وطن مُلڪ شام ۾ ”ڪنعان“ نالي علائقو هو، جڏهن حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام مصر ۾ آيا، اتي پاڻ نبوت جو اعلان ڪيائون، مِصر وارن کي ڪفر ۽ شرڪ کان روڪيائون، انهن کي الله پاڪ وَحدَه لَا شَرِيڪ جي عِبَادت جي دعوت ڏنائون، الله پاڪ حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام کي عَزِيز مِصر (يعني مِصر جي وَزِيرِ اعظم) جو عهدو عطا ڪيو، ان وقت جو بادشاھ به حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام تي اِيمان آڻي فرمانبردار ٿي ويو، ان وقت حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام جو والِد حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام، 11 ڀائر ۽ باقِي گھر وارا مِصر تشريف کڻي آيا۔

بني اسرائيل حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جو اَولاد هو ۽ مِصر جي وَزِيرِ اعظم يعني حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام جي خاندان وارا به هئا، ان ڪري مِصر ۾ بني اسرائيل جي عزّت هئي، انهن جو مقام ۽ مرتبو هو، ماڻهو انهن جو احترام ڪندا هئا۔ آخر حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلَام دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو وقت گذرندو ويو، صديون گذرڻ کان بعد مِصر جي حڪومت هڪ نهايت مَغرور ۽ سرڪش شخص جي هٿ ۾ آئي، ان جو نالو هو: وَلِيد بِن مُصعَب ۽ لقب فرعون هو۔ ان بدبخت خُدائي جي دعويٰ ڪئي ۽ بني اسرائيل کي پنهنجو غُلام بڻائي ڇڏيائين۔([1])

گدا کو بادشاہ یا بادشاہوں کو گدا کر دے                 میرے مالِک تُو جب چاہے کسی کو کیا سے کیا کردے

اها به قُدرت جي هڪ عجيب نشاني آهي، الله پاڪ جنهن کي چاهيندو آهي بادشاهي عطا ڪندو آهي، جنهن کي چاهي ٿو غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو۔


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، جلد:1، صفحہ:328و370خلاصۃً۔