• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ نمرود arrow icon
    • page 21
    book-logo
    book_icon
    حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ نمرود
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي عُمر مبارڪ 7 سالن جي هئي جڏهن کين فرمايو ويو: اي ابراهيم! هر طرح سان اسان جو فرمانبردار ٿي وڃ! ان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام بِلا تَاَمُّل (يعني بنا دير، بنا جھجڪ، يڪدم) عرض ڪيو: مان دِل ۽ جان سان پنهنجي رَبّ جو فرمانبردار ٿيان ٿو.

     پوءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام سڄي زِندگي هن تي قائِم رهيا، ان جي لاءِ سندن کي وڏي وڏي مشڪلاتن مان به گذرڻو پيو پر پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي فرمانبرداري نه ڇڏي۔ جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام نُبُوَّت جو اِعلان فرمايو ته نمرود بَدبخت پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي مَعَاذَ الله! باھ ۾ وجھڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي، جڏهن کين باھ ۾ وڌو پئي ويو، ان وقت حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام حاضِر ٿيا، عرض ڪيائون: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! ڪا حاجت هجي ته ٻڌايو۔ فرمايائون: جبريل! اوهان سان ڪا حاجت نه آهي۔ عرض ڪيائين: ته الله پاڪ کي عرض ڪريو۔ فرمايائون: الله پاڪ پاڻ ڏسي ٿو، عرض ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔

    جڏهن قوم سندن ڳالھ نه ٻُڌي، ڪلمو پڙھي دِينِ حق جي پيرو ڪار نه بڻي، قوم ضِد ۽ هٺ ڌرمي ڏيکاري ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجو گھر ٻار ڇڏي راھ خُدا ۾ هجرت ڪئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام وڏي عمر جا هئا، جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي اَولاد جي نعمت عطا ٿي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جا پهريان شهزادا حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام اڃا کير پيئڻ جي عمر ۾ هئا ته حڪم ٿيو: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! پنهنجي پُٽ کي ۽ سندن والِده کي مڪه مڪرمه ڇڏي اچو۔ مڪو پاڪ ان وقت بلڪل غير آباد هو، اتي نه ڪو رهندو هو، نه اتي زِندگي گذارڻ جا اسباب هئا، ان وقت به حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڪو عُذر نه ڏيکاريو بلڪه سر جهڪائي پنهنجي شهزادي کي مڪهءِ مڪرمه ڇڏي آيا، پوءِ حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمر مبارڪ اڃا 13 سال يا 17 سال هئي جو حڪم ٿيو: اي ابراهيم! پنهنجي پُٽ کي قربان ڪريو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ان حڪم تي به سر جهڪايو ۽ پٽ جي ڳلي تي ڇُري رکيائون۔ (تفسیرنعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِآیت:131، جلد:1، صفحہ:745تا746بتغيرقليل)


     

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
    • حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو تعارف
    • حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو نمرود سان مُنَاظرو
    • ”تَوحِيد“ جا دليل
    • امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ مختصر مُنَاظَرو (حڪايت)
    • فلسفي جو غرور ڪيئن خاڪ ۾ مليو...؟ (حڪايت)
    • اسان الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضِي آهيون
    • حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جون اَعليٰ وصفون
    • (3-1): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام حليم، اَوَّاه ۽ مُنِيب آهن
    • (4): حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام وڏا اطاعت گذار آهن
    • 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: چوڪ دَرس
    • گُنَاهن کان توبه نصيب ٿي وئي
    • ”معانقو ڪرڻ(ڀاڪر پائڻ)“ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي
    • دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
    • اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
    • )1( جمعه جي رات جو دُرُود
    • )2( سمورا گُناھ مُعاف
    • )3( رَحمت جا ستّر دروازا
    • )4( ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
    • )5( قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
    • )6( دُرُود شَفَاعت
    • )1( هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون
    • )2( ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami