Book Name:Molana Naqi Ali Khan ki 3 Karamat

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                            وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاه آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِنۡ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا: پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

حضورِ انور، سلطانِ بَحرو بَرصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: فرض حج ڪيو! بيشڪ هن جو اجر 20 غزوات ۾ شرڪت ڪرڻ کان وڌيڪ آهي ۽ مون تي هڪ ڀيرو دُرُود پاڪ پڙھڻ ان جي برابر آهي۔ (مسند الفردوس، باب:الحاء، جلد:2، صفحہ:130، حدیث:2662) 

کون جانے دُرُود کی قیمت                                    ہے عجب دُرِّ شاہوار دُرُود

ہم کو پڑھنا خدا نصیب کرے                               دَم بدم اور بار بار دُرُود

 (کافی کی نعت، صفحہ:38)