Book Name:Asmay Madina Munawara

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                             وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاه آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِنۡ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا: پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مون رات عجيب منظر ڏٺو: منهنجو هڪ اُمَّتي پُل صراط تان لنگھي رهيو هو، اهو ڪڏهن هلندو، ڪڏهن ڪِرندو ۽ ڪڏهن لٽڪي پوندو هو، پوءِ اوچتو ان جو مون تي پڙھيل درودِ پاڪ آيو ۽ اُن منهنجي اُمَّتي جو هٿ پڪڙي سِڌو بيهاري ڇڏيو، ايستائين جو ان پُل صراط پار ڪري ورتو۔  (معجم کبیر،جلد:25، صفحہ:282، حدیث:39)