Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاه آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِنْ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا: پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔

درود شريف جي فضيلت

          حضرتِ سيدُنا حفص رومي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏو سردار هو، سندس وفات کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: ”مَا فَعَلَ الله بِڪ“ يعني الله پاڪ توهان سان ڪهڙو مُعامَلو فرمايو؟ اُن جواب ڏنو: الله پاڪ مون تي رحم فرمايو، منهنجي بخشش فرمائي ۽ مون کي جنّت ۾ داخِل فرمايو۔ پڇيو ويو: ڪهڙي عمل سبب؟ جواب ڏنائين: جڏهن بارگاھِ اِلٰهي ۾ حاضِر ٿيس ته الله پاڪ ملائڪن کي منهنجي گناهن ۽ منهنجي پڙھيل دُرُود جو حساب لڳائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن حساب لڳايو ويو ته منهنجا دُرُود منهنجي گناهن کان وڌيڪ نڪتا ته الله پاڪ