Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! رمضان جي حق کي ضايع ڪرڻ ۾ انهن جو ذليل ۽ خوار ٿيڻ ڇا آهي؟ فرمايائون؛ هن مهيني ۾ حرام ڪمن جو ڪرڻ، پوءِ فرمايائون، جنهن هن مهيني ۾ زنا ڪيو يا شراب پيتو ته ايندڙ رمضان تائين الله پاڪ ۽ جيترا آسماني ملائڪ آهن سڀئي ان تي لعنت ڪندا آهن۔ پوءِ جيڪڏهن اهو شخص ايندڙ رمضان کان پهريان ئي مري ويو ته ان وٽ ڪا اهڙي نيڪي نه هوندي جيڪا کيس جهنّم جي باھ کان بچائي سگهي۔ سو توهان رمضان جي معاملي ۾ ڊڄو ڇو ته جهڙيءَ طرح هن مهيني ۾ ٻين مهينن جي مقابلي ۾ نيڪيون وڌايون وينديون آهن تهڙيءَ طرح گناهن جو به مُعاملو آهي۔                (معجم صغیر، جلد:9، صفحہ:60، حدیث:1488)

 الله پاڪ اسان سڀني کي رمضان سٺي طرح سان، رضاءِ الٰهي وارا ڪم ڪندي، هر گھڙي جي قدر ڪندي، نيڪين ۾، عبادتن ۾، ذِڪر ۽ فِڪر ۾، قبر کي ياد ڪندي، مديني جون يادون دِل ۾ سمائيندي، حُسْنِ اَخْلاق جو مُظَاهرو ڪندي، والدين جو ادب ڪندي، عزيز رشتيدارن سان ڀلائي ڪندي، پاڙيسرين جا حقن ادا ڪندي، غريبن جي مدد ڪندي گذارڻ ۽ فيضانِ رمضان مان خوب جھوليون ڀرڻ جي توفيق عطا فرمائي.                 اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دم بدم مولیٰ!

میں توبہ پر نہیں رِہ پا رہا ثابِت قدم مولیٰ!

میں رحمت، مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں

مَہِ  رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ!

 (وسائلِ بخشش، صفحہ:98)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد