Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

الٰهي جي وُسْعت تي نگاھ رکي وڃي ته پوريون 20 رڪعتون نمازِ تراويح پڙهڻ وارن جي خوش نصيبي ۽ ڪجھ تراويح پڙھي موٽي وڃڻ وارن جي محرومين جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي۔

الله پاڪ اسان سڀني کي هدايت نصيب فرمائي ۽ سڄو رمضان پُوريون 20 رڪعتون تراويح پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

بھائیو! بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں              پڑ گئے دوزَخ پہ تالے، قید میں شیطان ہے

بھائیو! بہنو! گُنَاہوں سے سبھی توبہ کرو               خُلد کے دَر کھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے

)وسائل بخشش، صفحہ:706(

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اچو! حديث ۾ بيان ڪيل رمضان المبارڪ جون فضيلتون ٻڌون ٿا، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: * جڏهن رمضان المبارڪ جي پهري رات ايندي آهي ته الله پاڪ منهنجي اُمَّت ڏانهن رحمت جي نظر فرمائيندو آهي ۽ جنهن ڏانهن الله پاڪ نظرِ رحمت فرمائي، ان کي ڪڏهن به عذاب نه ڏيندو۔ * رمضان المبارڪ جي هر رات ملائڪ منهنجي اُمَّت جي لاءِ مغفرت جون دُعائون ڪندا رهن ٿا۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الصیام، جلد:3، صفحہ:303، حدیث:3603ملتقطًا) * بيشڪ سال جي شروع (يعني عيد الفطر جو چنڊ نظر اچڻ کان وٺي) اڳئين سال تائين جنّت رمضان المبارڪ جي لاءِ سجائي ويندي آهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الصیام، جلد:3، صفحہ:312، حدیث:3633) * رمضان المبارڪ ۾ افطار جي وقت روزانو 10 لک گنهگارن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي ۽ شبِ جمعه ۽ روزِ جمعه (يعني جمعرات جو سج لهڻ کان وٺي جمعي جو سج لهڻ تائين) هر هر گھڙي ۾ 10، 10 لک جي مغفرت ڪئي ويندي آهي ۽ اهي سڀئي مغفرت ماڻڻ وارا اهي آهن جن تي جهنّم واجب ٿي چڪو هو۔ (کَنزُ الْعُمَّال، جزء:8، جلد:4، صفحہ:223، حدیث:23716) پوءِ