Book Name:Faizan e Ramzan
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! رمضان المبارڪ جي فضيلتن سان حديث سڳوريون مالا مال آهن، جيئن اَحاديثِ ڪريمه جي مُطَابِق: * رمضان المبارڪ جي پهرين رات ايندي آهي ته آسمانن جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ آخري رات تائين بند ناهن ٿيندا * جيڪو به ٻانهو هن مبارڪ مهيني جي ڪنهن به رات ۾ نماز پڙهي ٿو ته الله پاڪ ان جي هر سجدي جي عيوض (يعني بدلي ۾) ان جي لاءِ پندرهن سؤ نيڪيون لکندو آهي ۽ ان جي لاءِ جنّت ۾ ڳاڙهي ياقوت جو گھر بڻائيندو آهي۔ * جيڪو رمضان جي مهيني جو پهريون روزو رکي ٿو، ان جا پٺيان گناھ مُعاف ڪيا ويندا آهن * ۽ ان جي لاءِ صبح کان شام تائين ستر هزار فرشتا مغفرت جي دعا ڪندا رهن ٿا * رات ۽ ڏينهن ۾ اهو ٻانهو جڏهن به سجدو ڪري ٿو ان جي هر سجدي جي عيوض (يعني بدلي ۾) کيس (جنّت ۾) هڪ اهڙو وڻ عطا ڪيو وڃي ٿو جو ان جي ڇانوَ ۾ گھوڙي سوار پنج سؤ سالن تائين هلندو رهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الصیام، جلد:3، صفحہ:314، حدیث:3635ملتقطًا)
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ جي رحمت تي قربان! رمضان المبارڪ ۾ صِرْف هڪ سجدي تي 1500 نيڪيون، جَنّت ۾ سُرخ ياقوت جو گھر ۽ ايترو وڏو وڻ جو گھوڙي سُوار 500 سال تائين ان جي ڇانوَ ۾ هلندو رهي۔ سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! هن مان اهي ماڻهو عبرت حاصِل ڪن جيڪي معاذ الله! نمازِ تراويح نٿا پڙھن، يا پڙھن به ٿا پر 20 پُوريون نٿا پڙهن۔ غَور ڪريو، نمازِ تراويح جي 20 رڪعتن ۾ ڪل 40 سجدا آهن، يعني جيڪو 20 رڪعتون تراويح پڙھي ته الله پاڪ جي رحمت سان اُمِّيد آهي ته ان کي 60 هزار نيڪيون ملنديون، جنت ۾ 40 وڻ لڳندا، اهي رڳو سجدن جون نيڪيون آهن، قيام، رڪوع ۽ نمازِ تراويح ۾ قرآنِ ڪريم ٻڌڻ، ايتري دير مسجد ۾ رهڻ وغيره جو ثواب ان جي عِلاوه آهي۔ جيڪي نادان 8 رڪعتون تراويح پڙھي گھرن ڏانهن هليا ويندا آهن، اهي ڄڻ 36 هزار نيڪين ۽ 24 جنتي وڻن کان محروم رهن ٿا ۽ جيڪي 12 رڪعتون پڙھي ٿڪجي پوندا آهن، اهي 24 هزار نيڪين ۽ 16 جنتي وڻن کان محروم رهن ٿا، اها اڃان حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل تعداد جي مُطَابِق ظاهري ڳڻپ آهي، رحمتِ