Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

رِضَاءِ الٰهي۔ (2): ٻيو اکر آهي: ميم، هن مان مُرَاد آهي: مَحَابَاۃُ اللهِ عَنِ الْعُصَاۃِ يعني الله پاڪ جو گنهگارن تي رحمت ۽ مهرباني فرمائڻ۔ (3): لفظِ رمضان ۾ ٽيون اکر آهي: ضَاد، هن مان مراد آهي: ضَمَانُ الله يعني الله پاڪ جي امان۔ (4): چوٿون لفظ: اَلِف، هن مان مراد اُلفَةُ الله (محبتِ الٰهي) آهي ۽ (5): پنجين اکر ”نون“ مان مراد آهي: نُوْرُ الله۔ معلوم ٿيو رمضان المبارڪ الله پاڪ جي رضا ملڻ جو مهينو آهي، رمضان المبارڪ گنهگارن تي رحمت نازل ٿيڻ جو مهينو آهي، رمضان المبارڪ الله پاڪ جي امان ملڻ جو مهينو آهي ۽ رمضان المبارڪ الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيڻ ۽ نورِ الٰهي ملڻ جو مهينو آهي۔

حُضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: رمضان جو مثال سيني ۾ دِل جيان آهي، دِل کي نورِ ايمان ۽ نورِ معرفت سان زينت و خوبصُورتي ملندي آهي، اهڙي طرح رمضان المبارڪ کي تلاوتِ قرآن جي نور سان سينگاريو ۽ آراسته ڪيو ويندو آهي، رمضان جو مثال انسانن ۾ نبين جھڙو آهي، نبي سڳورا مُجرِمن جي شفاعت ڪندا آهن، اهڙي طرح رمضان به روزي دارن جي شفاعت ڪندو ۽ رمضان جو مثال شهرن ۾ مڪي ۽ مديني جهڙو آهي، انهن شهرن ۾ دَجَّال داخِل نه ٿي سگھندو، اهڙي طرح رمضان المبارڪ ۾ سرڪش شيطانن کي زنجيرون وجھي قيد ڪيو ويندو آهي۔ انهن تمام برڪتن، فضيلتن جي هوندي به جيڪو شخص رمضان المبارڪ ۾ به پنهنجي بخشش نه ڪرائي سگھي ته ٻي ڪهڙي مهيني ۾ بخشيو ويندو؟ هر مسلمان کي گھرجي ته هن مقدس مهيني ۾ خُوب توبه ڪري، هن کان پهريان جو توبه جو دروازو بند ڪيو وڃي، هر مسلمان کي گھرجي ته هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثْرَت سان رب جي بارگاھ ۾ ٻاڏائي هن کان پهريان جو رَحْمَت جو وقت گذري وڃي۔ (غُنْیَۃ الطالبین، فصل:رمضان خَمْسَۃَ اَحْرُفٍ، جز:2، صفحہ:15)

بھائیو، بہنو! گناہوں سے سبھی توبہ کرو                  خُلد کے دَرْ کھل گئے ہیں، داخِلہ آسان ہے

آگیا رمضاں عبادت پر کمر اب باندھ لو                 فیض لے لو جلد یہ دِن تیس کا مہمان ہے

)وسائل بخشش، صفحہ:705-706(