Book Name:Faizan e Ramzan
آسماني ڪتاب نازِل ٿيڻ جو مهينو
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ واقعي وڏي شان وارو آهي، ان جي شان وعظمت ۽ برڪت و رِفعَت جو اندازو هن مان لڳايو جو الله پاڪ انسان جي هدايت و رهنمائي جي لاءِ، انسان کي جنّت جي راھ ٻڌائڻ جي لاءِ مختلف زمانن ۾ 4 وڏا آسماني ڪتاب نازِل فرمايا: (1): تَورات (2): زَبُور (3): انجيل ۽ (4): قرآنِ ڪريم۔ اهي چار ئي ڪتاب نازِل ڪرڻ جي لاءِ الله پاڪ جنهن مهيني جو انتخاب ڪيو، اهو رمضان آهي۔ مُسنَدِ امام اَحْمد جي روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: * حضرت ابراهيم
عَلَيه السَّلَام جا صحيفا رمضان جي پهرين رات نازِل ٿيا، * تَورات شريف رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات نازِل ٿيو، * انجيل شريف رمضان المبارڪ جي چوڏهين رات نازِل ٿيو. (مسندِ اَحْمَد، جلد:7، صفحہ:85، حدیث:17447) ۽ مُصَنَّف اِبنِ اَبِي شَيبَه جي روايت ۾ آهي: * زَبُور شريف رمضان المبارڪ جي ڇهين تاريخ تي نازِل ٿيو ۔ (مُصَنفْ اِبْنِ اَبِیْ شیبہ، کتاب:فضائل القران، جلد:7، صفحہ:191، حدیث:5) باقِي رهيو قرآنِ ڪريم ته الله پاڪ رمضان المبارڪ جو تَعَارُف ئي هنن لفظن سان ڪرايو آهي:
شَهْرُ رَمَضَانَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ فِیْهِ الْقُرْاٰنُ (پاره2،سورۃالبقرۃ:185)
ترجمو ڪنز الايمان: رمضان جو مهينو جنهن ۾ قرآن لٿو۔
تجھ پہ صَدْقے جاؤں رمضاں! تُو عظیمُ الشَّان ہے
تجھ میں نازِل حق تَعَالیٰ نے کیا قرآن ہے
(وسائل بخشش، صفحہ:705)
سرڪارِغَوثِ اَعظم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: لفظ رمضان ۾ 5 اکر آهن، (1): پهريون اکر: رَا، هن مان مراد آهي: رِضوَانُ الله يعني