Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌايو ۽ فرمايائون: جڏهن تلقين ڪرڻ وارو مُردي کي تلقين ڪندو آهي ته مُنْڪر نَڪير (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارا ملائڪ) هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي چوندا آهن: هلو اسان هن وٽ ڇا ويهون، جنهن کي ماڻهو ان جو دليل سيکاري چڪا آهن۔

مَرڻ واري کي هن طرح تلقين ڪرڻ ان تي وڏو اِحسَان آهي، جيڪڏهن ٿورڙو وقت ڪڍي تلقين ڪرڻ سان مَرڻ وارو قبر جي سوالن کان بچي ويندو آهي ته تلقين ڪرڻ ۾ هر گز سُستي نه ڪرڻ گھرجي ۽ ياد رهي! ته اها تلقين عربي ئي ۾ ٿيندي ۽ مرڻ واري سان گڏ ان جي ماءُ جو نالو وٺڻو آهي، جيڪڏهن والده جو نالو مَعلُوم نه هجي ته تمام انسانن جي والده حضرت حَوَّا رَضِىَ اللهُ عَنْها جو نالو ورتو وڃي۔ (معجم کبیر، جلد:4، صفحہ:348، حدیث:7906)

حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان نيڪ شخص مون کي انهيءَ طرح تلقين جي وصيت ڪئي، مون ان جي حامي ڀري ۽ ان جي وصيت تي عمل ڪرڻ جو وعدو ڪري ورتو، جڏهن ان شخص جو انتقال ٿيو ته مون ان جي وصيت جي مُطَابِق عمل ڪيو، پنهنجي هٿن سان ان کي غسل ڏنو، نمازِ جنازه ادا ڪئي، قبر ۾ لاٿو، ان وصيت ڪئي هئي ته گھٽ مان گھٽ هڪ رات مون کي اڪيلو نه ڇڏجو، ان ڪري سڀئي ماڻهو هليا ويا، مان اتي موجود رهيس، ويٺي ويٺي مون کي ننڊ جو جھوٽو آيو، ننڊ جي حالت ۾ هڪ غيبي آواز ٻڌو، ڪو چئي رهيو هو: اي سفيان هن کي توهان جي تلقين ۽ قربت جي ڪا حاجت ناهي، ان لاءِ جو اسان پاڻ ئي هن کي قرب ڏنو ۽ تلقين ڪئي۔ حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون چيو، هن کي ڪهڙي عمل جي سبب هي رتبو مليو؟ آواز آيو؛ رمضان المبارڪ ۽ ان کان پوءِ شوال المڪرم جا ڇهه روزا رکڻ جي برڪت سان۔ حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان هڪ رات ۾ 3 ڀيرا مون اهو ئي خواب ڏٺو۔ (فیضانِ رمضان، صفحہ:395)