Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

مڪي پاڪ ۾ قيام جي سَعَادت نصيب ٿي، فرمائن ٿا: مڪي پاڪ ۾ هڪ شخص هو، اهو روزانو منجھند مهل ڪعبي جو طـواف ڪنـدو هو۔ نماز جون ٻه رڪعتون واجِبُ الطَّواف ادا ڪندو هو پوءِ مون کي سلام ڪري پنهنجي گھر هليو ويندو هو۔ ان جو روزانو جو اهو معمول هو، مون کي ان نيڪ شخص سان محبت ٿي وئي۔ هڪ ڀيري هو سخت بيمار ٿي پيو، مون کي خبر ملي ته اهو سخت بيمار آهي ته مان عيادت جي لاءِ حاضر ٿيس، اُن جي حالت نازُڪ هئي، ان مون کي وصيّت ڪندي چيو؛ جڏهن مان فوت ٿي وڃان ته اوهان پنهنجي هٿن سان غسل ڏئي منهنجي جنازي جي نماز ادا ڪجو۔ مون کي اڪيلو نه ڇڏجو سڄي رات منهنجي قبر وٽ رهجو ۽ منڪر نڪير جي اچڻ جي وقت مون کي تلقين ڪجو۔

تَلقِين جي معني آهي: نصيحت ڪرڻ، سيکارڻ۔ جڏهن مَيت کي قبر ۾ لاهي مٽي وجھندا آهن، ان وقت ڪو به شخص قبر جي سيراندي پاسي بيهي مَيت جو ۽ ان جي ماءُ جو نالو وٺي پڪاريندو آهي: يا فُلاڻا بِن فُلاڻا! مُردو ان جو آواز ٻُڌندو آهي پر جواب ناهي ڏيندو، تلقين ڪرڻ وارو ٻيهر پُڪاريندو آهي: يا فُلاڻا بِن فُلاڻا! هن ڀيري مردو ان جو آواز ٻڌي ۽ سڌو ويهي رهندو آهي، تلقين ڪرڻ وارو ٽئين ڀيري به ائين ئي پڪاريندو آهي: يا فُلاڻا بِن فُلاڻا! هن ڀيري مردو چوندو آهي: مون کي تلقين ڪر، الله پاڪ تو تي رحم فرمائي۔ هاڻي تلقين ڪرڻ وارو چوندو آهي:اُذْکُرْ مَا خَرَجْتَ عَلَیْہِ مِنَ الدُّنْیَا ياد ڪر تون دُنيا مان ڪهڙي حال ۾ ويو آهين؛ شَہَادَۃَ اَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ تون شاهدي ڏيندو هئين ته الله پاڪ جي سِوا ڪو عبادت جي لائق ناهي ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله جا ٻانها ۽ رسول آهن، وَاَنَّکَ رَضِیْتَ بِاللہِ رَبًّا وَبِالْاِسْلَامِ دِیْناً وَبِمُحَمَّدٍ نَبِیًّا وَّ بِالْقُرْاٰنِ اِمَاماً تون الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي، اسلام جي دين هئڻ تي، مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نبي هئڻ تي ۽ قرآن جي امام هئڻ تي راضِي هئين۔

پيارا اسلامي ڀائرو!تلقين جو اهو طريقو سرڪارِ عالي وقار، مديني جي