Book Name:Faizan e Ramzan
کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([1])
(5) قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍکَمَا تُحِبُّ وَتَرضٰي لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهي سبب صَحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([2])
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنۡزِلۡہُ الۡمَقۡعَدَ الۡمُقَرَّبَ عِنۡدَکَ یَوۡمَ الۡقِیَامَة
شافِعِ اُمَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعَظَّم آهي جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهي ته ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي۔ ([3])
جَزَي اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَّا ھُوَ اَھلُہٗ
حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُما کان رِوايت آهي ته سرڪارِمدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو؛ انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر ملائڪ هڪ