Book Name:Faizan e Ramzan
الحَبِيبِ العَالِي القَدرِالعَظِيمِ الجَاہِ وَعَلٰي اٰلِہٖ وَصَحبِہٖ وَسَلِّم
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرا پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم
حضرتِ سيدُنا انس رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو :جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])
صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد
جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([3])
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدٍعَدَدَمَافِي عِلمِ اللّٰہِ صَلَاة دَآئِمَة ۢبِدَوَامِ مُلکِ اللّٰہ
حضرت اَحمد صاوِي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف