Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

صِرف انهن جي دِل رکڻ جي لاءِ انهن سان مشورو ڪيان ٿو۔ ٻار مشورو ڏيڻ جو اهل ناهي هوندو پر منهنجي مشورو ڪرڻ سان ان جي حوصله افزائي ٿيندي آهي ته مون ان کان مشورو ڪيو آهي۔ بعض اوقات ٻار اهڙي ڳالھ ڪندو آهي جو پنهنجي سڄي جي سڄي حڪمتِ عملي پوئتي رهجي ويندي آهي ته يار هن ٻار واقعي ڪم جي ڳالھ ڪئي آهي۔ ٻارن جي دِل جوئي جي نيت سان مون ڪيئي ڀيرا انهن جي مشورن تي عمل به ڪيو آهي۔ منهنجي ذهن ۾ هڪ حديث پاڪ ويهي رهي آهي ته جَنَّت ۾ هڪ گھر آهي جنهن کي دَارُ الفرح چيو ويندو آهي اهو ان جي لاءِ آهي جيڪو ٻارن جي دِل خوش ڪري ٿو۔ (دولہا پر پھول نچھاور کرنا کیسا؟، صفحہ:13تا14)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

 

 

 

 

 

 

 

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع پڙهيا ويندڙ درود شريف

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّم وَبَارِک عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدِنِالنَّبِي الاُمِّي