Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جَنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”ٻارن تي شفقت ڪرڻ“ سُنّت آهي

ٻه 2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو اسان جي ننڍن تي رحم ناهي ڪندو اهو اسان مان ناهي۔ (ترمذی، کتاب: بِرْ وَالصلہ، صفحہ:471، حدیث:1919) (2): جَنّت ۾ هڪ گھر آهي جنهن جو نالو آهي:دَارُالْفَرَح (خوشي جو گھر)، ان ۾ اهي ئي ماڻهو داخِل ٿيندا جيڪي ٻارن جي دل خوش ڪن ٿا۔ (جامع صغیر، صفحہ:140، حدیث:2321)

اي عاشقانِ رسول! ٻارن تي شفقت ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا پيارا آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن تي گھڻي شفقت ڪندا هئا * جڏهن به نئون ميوو ايندو هو ان ۾ برڪت جي دعا ڪرڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان ٻارن کي عنايت فرمائيندا هئا * رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن وٽان لنگھندا هئا ته انهن کي سلام ڪندا هئا * ٻارن جي تَحْنِيڪ فرمائيندا (يعني ستي ڏيندا) هئا، انهن کي هنج ۾ ويهاريندا هئا، هڪ ڏينهن حضرت اُمِّ قَيس رَضِىَ اللهُ عَنْها پنهنجي کير پياڪ ٻار کي خدمتِ اَقدس ۾ وٺي آيون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ٻار کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو، ان حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪپڙن تي پيشاب ڪري ڇڏيو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي پاڻي هاري ڇڏيو ۽ ڪجھ نه چيائون * هڪ ڳوٺاڻي جانِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو: اوهان ٻارن کي چُمندا آهيو، اسان ته ائين ناهيون ڪندا۔ اِرشاد فرمايائون: جڏهن الله پاڪ توهان جي دل مان رَحم ڪڍي وٺي ته مان ڇا ڪري سگھان ٿو۔ (سیرت رسول عربی، صفحہ: 325تا330خلاصۃً)

مَاشَآءَالله! عامِلِ سُنَّت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به ٻارن تي وڏي شفقت ڪن ٿا، پاڻ فرمائن ٿا: اَلْحَمْدُلله مون بعض اوقات پنهنجي ٻارن کان به مشورا ڪيا آهن توڙي جو مون کي معلوم آهي ته ڇا ڪرڻو آهي، ان جي باوجود