Book Name:Faizan e Ramzan

اي عاشقانِ رسول! دُنياوي ڪم نه ڪڏهن ختم ٿيا آهن، نه ڪڏهن ختم ٿيندا، مجبوريون گڏوگڏ هلنديون رهن ٿيون، آئنده سال خبر ناهي رمضان ڏسڻ نصيب ٿيندو يا نه، بَس همت ڪريو، ذِهن بڻايو ۽ هن ڀيري دعوتِ اسلامي تحت اجتماعي اعتڪاف ۾ شِرڪت ڪري وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله! بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ اوهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار پيش ڪئي وڃي ٿي۔

بگڙيل اخلاق سنورجي ويا

شُجاع آباد ضلع ملتان جو هڪ اسلامي ڀاءُ والدين جو معاذ الله وڏو گستاخ هو، ڪرڪيٽ ۽ بليرڊ کيڏڻ ۾ ڏينهن برباد ڪرڻ ۽ رات ويڊيو سينٽر ۾ وڃائڻ، رمضان المبارڪ ۾ ان ماءُ پيءُ سان تمام گھڻو جھيڙو ڪيو ايستائين جو گھر ۾ سامان وغيره ٽوڙي وڌو، پنهنجي گناهن ڀري زندگي کان پاڻ به بيزار هو، تمام گھڻو جذباتي هو، ان ڪري معاذ الله ڪيئي ڀيرا خود ڪشي جي به ڪوشش ڪئي پر الحمد لله! ناڪامي ٿي۔ الله پاڪ جي ڪرم سان ان کي رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ اعتڪاف جو شوق پيدا ٿيو، پنهنجي گھر جي قريبي مسجد ۾ اعتڪاف جو ارادو هو ته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي، ان جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي تحت عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ ٿيڻ واري اجتماعي اعتڪاف ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ معتڪف ٿيو۔ الحمد لله! اجتماعي اعتڪاف جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! ڪلين شِيو ۽ پينٽ پاتل هئي، پر سکڻ سيکارڻ جي حلقن، سنتن ڀري بيانن ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت اهو رنگ چڙھايو جو ان هٿو هٿ ڏاڙھي وڌائڻ شروع ڪئي، عمامي شريف جو تاج مٿي تي سجائي ورتو ۽ چنڊ رات خوب رَوئي روئي گناهن کان توبه ڪرڻ کان بعد گھر وڃڻ بدران هٿوهٿ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر تي روانو ٿي ويو۔ ان جو چوڻ آهي: خدا جو قسم! اها منهنجي زندگي جي سڀ کان پهرين عيد هئي جيڪا تمام سٺي گذري۔ واپسي تي گھر اچي امڙ سائڻ جي قدمن تي ڪري پيو ۽ ايتري قدر رُنو جو سڏڪا بند