Book Name:Faizan e Ramzan
الْاِیْمَان، باب:فی الاعتکاف، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:3968)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اجتماعي سُنَّت اعتڪاف جون برڪتون
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ هر سال لکين لک مسلمان رضاء الٰهي ماڻڻ، سُنَّتِ مصطفيٰ (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) اپنائڻ، رحمتن برڪتن سان مَعمُور ۽ ثواب سان ڀر پور شبِ قدر ماڻڻ جي لاءِ هن مهيني جي آخري عشري جو اعتڪاف ڪن ٿا، يقيناً اها تمام وڏي سعادت آهي پر عِلمِ دين جي ڪمي ۽ معلومات نه هئڻ جي ڪري ڪيئي مُعتَڪف حضرات مسجد جي آداب ۽ عبادتن کي صحيح طور تي ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين، نتيجي طور اعتڪاف جون برڪتون پُوري طرح حاصِل ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا آهن۔ اَلْحَمْدُالله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي مسلمانن کي قرآن وسنت جو عامِل بنائڻ، انهن کي عِلْم و عمل جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۽ عبادتن جو ذوق وشوق وڌائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي۔اَلْحَمْدُلله! دعوتِ اسلامي تحت هر سال ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ هزارين مسجدن ۾ اجتماعي اعتڪاف جو سلسلو ٿيندو آهي، هن اعتڪاف جو صبح سحري کان وٺي اڳئين سحري تائين هڪ هڪ منٽ جو جدول ٺهيل هوندو آهي، مبلغ سکڻ سيکارڻ جا حلقا لڳائيندا آهن، ڪڏهن درس وبيان جي ذريعي عِلمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو آهي، ڪڏهن قرآنِ ڪريم درست مخارج ۽ تجويد وقراءَت سان سکڻ جا حلقه، ڪڏهن سنتون ۽ آداب سکڻ، ڪڏهن دُعائون ياد ڪرڻ جا حلقه، فرض عُلُوم سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب، قرآنِ ڪريم ترجمي ۽ تفسير سان ٻڌڻ ٻڌائڻ جا حلقه، ان سان گڏوگڏ اشراق وچاشت، اَوَّابين، نمازِ توبه، تهجد، سحر و افطار جون رِقَّت انگيز دُعائون، الغرض عِلمِ دين ۽ نفل عبادتن جي برڪتن سان مالا مال اهي اجتماعي اعتڪاف ڪردار نکاري سنتن جو پابند بنائڻ ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن سان جھولي ڀرڻ جو بهترين ذريعو آهي۔