Book Name:Faizan e Ramzan
گُنَاهن کان بچي نيڪين ۾ گذارڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اِعتِڪاف آهي۔ * شعبان المعظم جي آخري ڏينهن سج لهڻ کان پهريان ئي تياري ڪري اعتڪاف جي نيت سان مسجد ۾ پهچي وڃي۔ * مسجد جي آداب جو خيال رکندي سڄو رمضان مسجد ۾ گذاري * ڪڏهن تلاوتِ قرآن ۾ مَصرُوف ٿئي، * ڪڏهن ذِڪرُ الله ڪري، * ڪڏهن آخرت جي مُعَاملن ۾ غور وفڪر ڪري، * ڪڏهن ديني ڪتابن جو مطالعو ڪري، * رَوئي رَوئي پنهنجي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعائون گھري، * بخشش ۽ مغفرت جون التجائون ڪري، * بس دُنيا کان ڪٽجي سڄو رمضان الله پاڪ جي گھر ۾ رهي ته ان جو لطف ئي جدا آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا و خوشنودي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنّم جي وچ ۾ 3 خندقون حائِل ڪندو، هر خندق جي مَسَافت (يعني دُوري) اولھ ۽ اوڀر جي مفاصلي کان به گھڻي آهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الاعتکاف، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:3965) اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا اڳوڻا تمام گناھ بخشيا ويندا۔ (جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480) هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: جنهن رمضان المباڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو اهو ائين آهي جيئن 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيا۔ (جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479) اِبنِ ماجَه شريف جي روايت ۾ آهي: اعتڪاف ڪرڻ وارو گناهن کان بچيل رهندو آهي ۽ ان جي لاءِ تمام نيڪيون لکيون وينديون آهن جيئن ان جي ڪرڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔ (ابن ماجہ، کتاب:صیام، باب:فی ثواب الاعتکاف، صفحہ:284، حدیث:1781) يعني مُعْتَڪف اِعتڪاف جي ڪري جن نيڪين کان محروم ٿيو جيئن زيارتِ قُبور، مسلمانن سان ملاقات، بيمار جي مِزاج پُرسي، نمازِ جنازه ۾ حاضِري ان کي هنن سڀني نيڪين جو ثواب ساڳي طرح ملندو آهي جيئن اهي ڪم ڪرڻ وارن کي ثواب ملندو آهي۔حضرت حَسَن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان منقول آهي: مُعْتَڪف کي هر روز هڪ حج جو ثواب ملندو آهي۔ (شُعَبُ