Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

مون تي فرض آهي، ڇا اهو مان مڪمل سکي چڪو آهيان؟ جيڪڏهن نه ته فرض عِلم سکڻ جو به وقت رکيو وڃي، اهڙي طرح قضا نمازون هجن ته انهن کي ادا ڪرڻ وغيره۔

فرض عِلم سکڻ جي لاءِ امير اهلسنت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ڪتاب فيضانِ رمضان، نماز جا اَحْڪام، ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب، غيبت جون تباھ ڪاريون وغيره مڪتبة المدينه تان حاصِل ڪيون وڃن، اهڙي طرح بهارِ شريعت ۽ مڪتبة المدينه جا ٻيا ڪتاب ۽ رسالا حاصِل ڪري انهن کي پڙهڻ جو باقاعده وقت طَئي ڪيو وڃي، رمضان المبارڪ ۾ مَاشَآءَ الله! مدني مُذَاڪرن جون به بهارون هونديون آهن، الحمد لله! امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ رمضان شريف ۾ روزانه 2 مدني مذاڪرا ڪندا آهن (يعني عاشقانِ رسول جي سُوالن جا جواب ڏين ٿا) هڪ مدني مذاڪرو عصر جي نماز کان پوءِ ۽ ٻيو نمازِ تراويح کان پوءِ مدني چينل تي لائيو (Live) نشر ڪيو ويندو آهي، اهي مدني مذاڪرا به عِلْمِ دين سکڻ جو بهترين ذريعو آهن، ان مدني مذاڪرن ۾ شِرڪت ڪئي وڃي۔

ان جي عِلاوه عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي علمي ۽ تحقيقي ڊيپارٽمنٽ المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) جي هڪ تمام پياري ڪتاب آهي: رمضان المبارک کے صبح وشام گزارنے کا طریقہ اهو ڪتاب اَصل ۾ دعوتِ اسلامي جي تحت هزارين هنڌن تي ٿيڻ واري اجتماعي سُنت اعتڪاف جو جدول آهي، هن ڪتاب ۾ کوڙ فرض عُلُوم سان گڏوگڏ رمضان المبارڪ جي آخري عشري (يعني 21 تا 30 رمضان) جو سڄو جدول ڏنو ويو آهي، رمضان المبارڪ جو جدول بنائڻ جي لاءِ هن ڪتاب مان به ڀرپور مدد حاصِل ڪري سگھجي ٿي۔

 اعتڪاف جون فضيلتون

رمضان المبارڪ جون برڪتون ۽ رحمتون حاصِل ڪرڻ، رمضان المبارڪ