Book Name:Faizan e Ramzan
به شَقِي (يعني بدبخت) آهي۔ (معجم اَوْسط، جلد:3، صفحہ:62، حدیث:3871)
کعبہ کے بدرُ الدّجٰی تم پہ کروڑوں درود طیبہ کے شمسُ الضُّحٰی تم پہ کروڑوں درود
تم سے جہاں کا نظام، تم پہ کروڑوں سلام تم پہ کروڑوں ثنا، تم پہ کروڑوں درود
)حدائق بخشش، ص ،271-266 (
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت سڀ کان افضل عمل آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)
اي عاشقانِ رسول! هرجائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔
صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
رمضان ۽ شوال جي ڇهه روزن جي برڪت
حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلْمِ فقه ۽ عِلمِ حديث جا تمام وڏا اِمام هئا، 99 سن هجري ۾ پيدا ٿيا، وڏا متقي، پرهيز گار، عِبَادت گذار ۽ پنهنجي زماني جا امامُ المسلمين هئا، هڪ ڀيري حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي 3 سال