Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي نيڪ جذبات تي قربان! اهي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها وڏي جذبي وارا ۽ نيڪين جا حريص هئا جو شعبان جو چنڊ نظر ايندي ئي (يعني هڪ مهينو پهريان کان) رمضان جي تياري شروع ڪري ڇڏيندا هئا۔

          حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: شعبان جو چنڊ نظر ايندي ئي صحابه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم تلاوتِ قرآنِ پاڪ ڏانهن خوب متوجھ ٿي ويندا هئا، پنهنجي مال جي زڪوٰة ڪڍندا هئا ته جيئن غريب ۽ مسڪين رمضان جي روزن جي لاءِ تياري ڪري سگھن، واپاري پنهنجا قرضا ادا ڪري ڇڏيندا هئا، ٻين کان پنهنجا قرض وُصُول ڪري وٺندا هئا (اهڙي طرح رمضان المبارڪ کان پهريان ئي پنهنجو پاڻ کي آجو ڪندا هئا) ۽ رمضان شريف جو چنڊ نظر ايندي ئي غسل ڪري (بعض حضرات) اعتڪاف ۾ ويهي رهندا هئا۔  (غُنْیَۃ الطالبین، قسم الثالث: مواعظ القرآن، جز:1، صفحہ:341)

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ توفيق عطا فرمائي، رمضان المبارڪ چڱي انداز ۾ عبادت ۽ رياضت ڪندي گذارڻ جي لاءِ اسان کي گھرجي ته رمضان جو چنڊ نظر اچڻ کان پهريان ئي پلاننگ ڪري وٺون، مثال طور * هن ڀيري رمضان المبارڪ ۾ ايترا قرآنِ ڪريم مڪمل پڙھندس۔* ايترا درودِ پاڪ پڙھندس۔ * ايترا نفل ادا ڪندس * ايترو وقت ذِڪر، اَذڪار ۾ گذاريندس، اهڙيون نيتون ڪري جدول بڻايو وڃي۔ پهريان پلاننگ جو بهترين طريقو اهو هوندو آهي ته پنهنجو جدول لکي محفوظ ڪيو وڃي، نه ته وقتي طور تي نيت ته ٿي رهي هوندي آهي پر جڏهن رمضان المبارڪ ايندو آهي ته شيون ذِهن مان لهي وينديون آهن، لهٰذا اڄ ئي ڪوشش ڪري رمضان المبارڪ جو جدول بڻائي ڪنهن محفوظ هنڌ لکي وٺو۔

رمضان المبارڪ جو جدول بنائڻ وقت حڪمتِ عملي اپنائڻ گھرجي، اها هي ته عِبَادتن ۾ سڀ کان اَفْضَل فرض آهن ۽ رمضان المبارڪ ۾ هڪ فرض جو ثواب 70 فرضن جي برابر ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري پنهنجي جدول ۾ فرضن کي فوقيت ڏني وڃي۔ مثال طور غور ڪري ته جيترو عِلْمِ دين سکڻ