Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

هر گھڙي رحمت ڀري آهي، ڇا اسان هن جي لاءِ تياري ڪئي آهي؟ اهو مهينو اسان کي ڪيئن گذارڻو آهي، ان جون برڪتون، ڇماڇم ٿيندڙ رحمتون اسان ڪيئن حاصِل ڪنداسين، ڇا هن جي لاءِ اسان پلاننگ ڪئي آهي؟ جيڪڏهن ناهي ڪئي ته هڪدم ڪرڻ گھرجي۔ ماهرينِ نفسيات جي مطابق ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميابي جي بنيادي اُصُولن مان هڪ اُصول ”پيشگي پلاننگ“ آهي۔ جيڪي ماڻهو پنهنجو جدول (Schedule) نٿا بڻائن، پيشگي پلاننگ نٿا ڪن، هو پنهنجو قيمتي وقت برباد ڪري ڇڏيندا آهن۔

ڪيتري اَفسوس جي ڳالھ آهي جو گھر ۾ ننڍڙي دعوت هجي، پٽ جي شادِي ڪرڻي هجي بلڪه رشتو ڏسڻ جي لاءِ مهمانن کي اچڻو هجي ته اسان هڪ هڪ شيء جي پلاننگ ڪيون ٿا، مهمانن کي ويهارڻو ڪٿي آهي؟ مهمان نوازي طور ڇا پيش ڪرڻو آهي؟ مهمانن جي ايندي ئي پاڻي، شربت پيش ڪرڻو آهي يا چانھ پيئارڻي آهي؟ ماني ۾ ڇا ڇا هئڻ گھرجي؟ وغيره وغيره هڪ هڪ شيء جي باري ۾ گھر ڀاتين کان هر هر مشورا ڪيا ويندا آهن، بلڪ ان کان به وڌيڪ حيرت ۽ افسوس جي ڳالھ آهي جو رمضان المبارڪ کان پوءِ صِرف هڪ ڏينهن جي لاءِ عيد الفطر ايندي آهي، اسان ان هڪ ڏينهن جي تياري ۾ سڄو رمضان گذاري ڇڏيندا آهيون، ڪپڙا ڪهڙا خريد ڪرڻا آهن؟ جوتو ڪهڙو ۽ ڪيتري وارو وٺڻو آهي؟ وغيره وغيره۔ رمضان جا ابتدائي 10 ڏينهن مشڪل سان گذرن ٿا ته بازارن ۾ رش لڳي ويندي آهي، ڪيئي نادان ته صِرْف عيد جي شاپنگ ڪرڻ جي لاءِ روزو ڇڏي ڏيندا آهن ته جيئن سڀاڻي بازار وڃڻو آهي، گھڻي رش هوندي، گرمي به گھڻي آهي، اڃ لڳندي، ان ڪري سڀاڻي جو روزو ناهي رکڻو۔ اَسْتَغْفِرُ الله! اَسْتَغْفِرُ الله!

مَعَاذَ الله! ڪهڙي ناداني آهي جو صِرف عيد الفطر جي هڪ ڏينهن جي تياري اهڙي زور، شور سان ڪئي ويندي آهي پر رمضان جنهن جي صدقي ۾، جنهن جي انعام جي طور تي اسان کي عيد جون خوشيون نصيب ٿيون آهن، ان ماههِ ذيشان جي لاءِ اسان ڪا تياري ئي نٿا ڪيون۔