Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

هن آيت ۾ اِسْراف جون 2 صُورتون آهن: پهرين اها ته بک نه هجي ته به کائڻ، ٻي اها ته خوب پيٽ ڀري کائڻ، الله پاڪ انهن ٻنهي ڳالهين کان منع ڪيو آهي، پوءِ جيڪو ٻانهو چڱي طرح بک لڳل هجي تڏهن ئي کائي ۽ اڃا بک باقي هجي ته هٿ روڪي وٺي ته اِنْ شَآءَ الله! هو تندرست رهندو۔

اُن غير مسلم آيت ٻُڌي چيو: چلو اهو ته مڃي ورتو ته قرآنِ ڪريم ڪجھ لفظن ۾ تمام عِلْمِ طِب جو خلاصو بيان ڪري ڇڏيو آهي پر توهان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن باري ۾ ڪجھ ناهي فرمايو، امام زين العابدين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جن فرمايو: منهنجي نانا جان، سلطانِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون هزارين حديثون آهن، صِرْف هڪ ئي حديث ۾ پاڻ عِلْمِ طِب جو خُلاصو ڪيو آهي، جيئن حديثِ پاڪ آهي: سڀ کان بُرو برتن جنهن کي انسان ڀري ٿو، اهو ان جو پيٽ آهي، انسان کي صرف ڪجھ ئي گرھ ڪافي آهن، جيڪي ان جي چيلھ سڌي رکن۔ (ترمذی، کتاب:الزہد، صفحہ:566، حدیث:2380) ان غير مسلم ڊاڪٽر جڏهن اها حديثِ پاڪ ٻُڌي ته چيائين: مَا تَرَکَ کِتَابُکُمْ وَلَا نَبِیُّکُمْ لِجَالِیْنُوْسَ شَیْئاً يعني توهان جي ڪتاب ۽ توهان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جالينوس (جيڪو پنهنجي وقت جو تمام وڏو حڪيم گذريو آهي، ان) جي لاءِ ڪجھ ناهي ڇڏيو، سموري طب جو خُلاصو بيان ڪري ڇڏيو آهي۔ (تفسیر قُرطبی، پارہ:8، سورۃ الاعراف، تحت الآیۃ:31، جلد:4، صفحہ:118)

الله پاڪ اسان سڀني کي رمضان المبارڪ ۾ خوب خوب روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي، روزي جي برڪت سان ظاهري بيمارين کان به شفا عطا فرمائي ۽ باطني بيمارين کان شفا ڏئي تقويٰ ۽ پرهيزگار جي دولت به نصيب فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

رمضان المبارڪ جي لاءِ هينئر کان تياري ڪري وٺو

اي عاشقانِ رسول! اهڙو عظيمُ الشَّان مهينو اچي رهيو آهي جو جنهن جي