Book Name:Faizan e Ramzan
قدرت جا نشان) ڏسندو۔ (طبقات الشافعیہ، جلد:6،صفحہ:334) هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: شيطان انسان جي بدن ۾ رت جيان گردش ڪري ٿو، (بخاری، کتاب: الاعتکاف، صفحہ:533، حدیث:2038) بُک ۽ اڃ ذريعي ان جي راھ تنگ ڪيو۔ (احیاء العلوم، جلد:3، صفحہ:98)
مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مزيد فرمائن ٿا: اي عزيز! تنهنجي کائڻ سان الله پاڪ جي رِزق جي خزاني ۾ ڪمي نه ٿيندي پر ڳالھ اها آهي جو پيٽ ڀري کائڻ سان تون نفس جو پابند ٿي ويندين ۽ الله پاڪ ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو حائِل ٿي ويندو۔ جڏهن ته بکايل رهڻ سان دِل جي صفائي ٿيندي، دِل ۾ رِقت و نرمي ايندي، عِبَادت ۾ لَذَّت ملندي، عاجزي ۽ انڪساري نصيب ٿيندي، شهوت جو زور ٽُٽندو، ننڊ ۾ ڪمي ايندي، نيڪي تي استقامت ملندي ۽ گڏوگڏ هزارين بيمارين کان نجات به مِلي ويندي۔ (جواہر البیان، صفحہ:87بتغیر قلیل)
جي ها! روزو رکڻ سان تندرستي ملندي آهي۔ اَوّلين وآخرين جو عِلم رکڻ واري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صاف صاف ارشاد فرمايو: صُوْمُوْا تَصِحُّوْا روزا رکو! تندرست ٿي ويندؤ۔ (معجمُ الْاَوْسط، جلد:6، صفحہ:147، حدیث:8312)
تفسير قرطبي ۾ آهي: هڪ ڀيري هڪ غير مسلم ڊاڪٽر حضرت امام زين العابدين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ حاضِر ٿي چوڻ لڳو: عِلم ٻن قسمن جو آهي: (1):عِلمُ الاَدۡيان (يعني ديني عِلم) ۽ (2):عِلمُ الاَبۡدَان (يعني ڊاڪٽري جو عِلم)۔
اوهان جي مَذهبي ڪتَاب قرآنِ ڪريم ۾ عِلمِ دين ته آهي پر طِب (يعني ڊاڪٽري جو عِلم) نه آهي۔ امام زين العابدين رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمايو: توهان سڄي قرآن جي ڳالھ ڪيو ٿا، قرآن جي صِرْف هڪ آيت جي هڪ جُزْ ۾ ئي سڄي طِبْ جو خُلاصو بيان ڪيو ويو آهي، پوءِ پاڻ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ سيپاري 8، سُوْرَةُ الْاَعْرَاف جي آيت:31 جو اهو حصو تلاوت ڪيو:
وَّ كُلُوْا وَ اشْرَبُوْا وَ لَا تُسْرِفُوْا ۚ-اِنَّهٗ لَا یُحِبُّ الْمُسْرِفِیْنَ۠(۳۱) (پاره8،سورۃالاعراف:31)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ کائو ۽ پيئو ۽ حد کان نه لنگو بيشڪ حد کان لنگهندڙ ان کي پسند نه آهن.