Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

مولانا مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهي الفاظ به الله پاڪ جي ڪمال عنايت بابت دليل آهن، هن مان معلوم ٿيو ته الله رَحمٰن ورَحيم کي انتها کان وڌيڪ هن اُمَّت جي دِل جُوئي منظور آهي۔ هن ڳالھ کي هڪ مِثَال سان سمجھو! ٻار جڏهن ننڍو هوندو آهي، والِد صاحب پهرين ڀيري جڏهن ان کي اسڪول، مدرسي وغيره ڇڏڻ ويندا آهن ته ان جي تسلي ۽ تسڪين جي لاءِ چوندا آهن: پٽ! فِڪر نه ڪر! هاڻي ٿوري دير ۾ موڪل ٿي ويندي۔ رَحْمت وشفقت ۽ عنايتن جو اهو ئي قاعِدو هتي به آهي۔ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُلامن کي تسلي ڏني ۽ فرمايو: فڪر نه ڪيو! روزن جي فرضيت صِرْف ڪجھ ئي ڏينهن(يعني صرف هڪ مهيني) جي لاءِ آهي۔ ها! ڏينهن جي گڻپ نه ڪيو، روزي جي مشقت تي نگاھ نه رکو، ان جي فائدن تي غور ڪيو، روزا رکندؤ ته ڇا ملندو؟ ارشاد فرمايائون:

لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۱۸۳)

ترجمو ڪنزلايمان: من اوهان پرهيزگار ٿيو، (پاره2،سورۃالبقرۃ:183)

يعني روزي جي برڪت سان توهان کي تقويٰ جهڙي عظيم نعمت ملي ويندي۔ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: روزو رياضت ۽ نَفس مارڻ جي مشق (Practise) آهي، اِنسان ۾ 2 قوتون آهن جيڪي سمورن گُنَاهن جون پاڙون آهن، هڪ شهوت، ٻي ڪاوڙ۔ اهي ٻئي قُوَّتون وڌيڪ کائڻ پيئڻ کان وڌن ٿيون ۽ گھٽ کائڻ پيئڻ کان ڪمزور ٿين ٿيون، لهٰذا جڏهن انسان گھٽ کائيندو، گھٽ پيئندو آهي ته ان جي اندران شهوت ۽ غُصّو گھٽ ٿيڻ لڳندو آهي، نَفْس ڪمزور ٿيندو آهي ۽ دِل ۾ ايماني نور وڌڻ لڳندو آهي، پوءِ آهسته آهسته اهو مقام حاصِل ٿيندو آهي جو انسان گُنَاهن کان پري ٿي الله پاڪ ڏانهن پُوري طرح مُتَوَجِّه ٿي ويندو آهي، ايستائين جو نُورِ ايمان سان هر پاسي الله پاڪ جي قدرت جا جلوا ڏسندو آهي ۽ پنهنجو ايمان ۽ يقين وڌائيندو آهي۔ (جواہر البیان، صفحہ:87بتغیر قلیل)

مُحَمَّدِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پنهنجا پيٽ بکايل رکو! پنهنجا جگر اڃايل رکو، توهان الله پاڪ کي ظاهر و عِيان (يعني هر پاسي ان جي