Book Name:Faizan e Ramzan
ضرورت ناهي، موسم تبديل ٿي رهي آهي، اڄڪلھ ماڻهو بيمار ٿي رهيا آهن، بس ايترن لفظن سان ان جي پريشاني دور ٿي ويندي آهي۔ اهڙي طرح روزو به مَشَقَّت ڀري عبادت آهي، سحر کان افطار تائين بکايل رهڻ، چاهي سخت گرمي هجي، نڙي سڪي وڃي، پاڻي موجود هجي، پوءِ به اُڃ تي قابُو آسان ڪم نه آهي، ان ڪري الله پاڪ پهريان ئي تسلي ڏني ته اي منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غلامو! پريشان نه ٿيو، اها مشقت صرف توهان لاءِ نه آهي، توهان کان اڳوڻيون اُمَّتون به روزا رکنديون هيون۔ مولاءِ ڪائنات،اَمِيرُ المُؤْمِنِين حضرت علي المرتضيٰ رَضِي اللّٰه عَنْه فرمائن ٿا: روزو قديم (يعني تمام پُراڻي) عبادت آهي، ڪا شريعت هن جي فرضيت کان خالي نه آهي۔
هاڻي هن هنڌ مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عِلْم، سندن قرآن جي سمجهه ۽ علمي نڪته ڏسو! پاڻ فرمائن ٿا جيڪڏهن گهري نظر سان هن آيت تي غور ڪيو وڃي ته خبر پوندي ته اَصل مَقصد اهو هو جو روزي جهڙي نهايت نفع بخش عِبَادت صِرف محبوبِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري اُمَّت تي فرض ڪئي وڃي پر روزو مَشَقَّت واري عِبَادت آهي، ان ڪري هن اُمَّت تي الله پاڪ جي رَحمت وعنايت کي اهو پسند نه آيو ته اهڙي مَشَقَّت واري عِبادت هڪدَم هن اُمَّت تي فرض ڪئي وڃي، لهٰذا اَلله پاڪ پنهنجي ڪامل حڪمت سان اهو انداز اختيار فرمايو جو حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کان وٺي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تائين هر مَذْهب ومِلّت ۾ روزو فرض قرار ڏئي ڇڏيو ته جيئن جڏهن محبوبِ رَبِّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُلامن تي اها عبادت فرض ڪرڻ جو وقت اچي ته هو اڳوڻين اُمّتن جو حال ٻُڌي بي تڪلف روزو رکن ۽ انهن کي مشقت ۽ پريشاني نه ٿئي۔ (جواہر البیان، صفحہ:86بتغیر قلیل)
پوءِ هڪ ٻي اعتبار سان الله پاڪ جي عنايت ومهرباني مُلاحظه ڪريو! ارشاد آهي:
اَیَّامًا مَّعْدُوْدٰتٍؕ-
ترجمو ڪنزالايمان: ڳڻيل ڪجهه ڏينهن آهن،