Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

لباس پارائي انهن سان همدردي نٿو ڪري سگھان ته پنهنجو گرم لباس لاهي، سردي محسوس ڪري غريبن سان همدردي جو اِظهار ڪري رهيو آهيان۔ (مرقاۃ، کتاب:صوم، جلد:4، صفحہ:385)

روزي جي فرضيت واري آيت جي تفسير

پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جا روزا الله پاڪ اسان تي فرض ڪيا آهن، اِرشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا كُتِبَ عَلَیْكُمُ الصِّیَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۱۸۳)

ترجمو ڪنزلايمان: اي ايمان وارؤ!  اوهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيا ويا هئا۔ من اوهان پرهيزگار ٿيو، (پاره2،سورۃالبقرۃ:183)

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا والدِ محترم، حضرت علّامه، مولانا، نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت تحت وڏا قيمتي ۽ ايمان افروز مدني گل بيان ڪيا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: اي عزيز! هن آيت کي پڙھي پهريان ته هن قيمتي دولت تي غور ڪر ته الله پاڪ جَلَّ شَانُه روزيدار جي ايمان جي گواهي ڏني آهي ۽ ان کي ”اي ايمان وارو“ چئي پڪاريو آهي (جيڪڏهن دِل ۾ محبتِ الٰهي جي شمع روشن هجي ته هن خطاب جي مٺاس ئي روزي تي آماده ڪرڻ جي لاءِ ڪافِي آهي پر الله پاڪ جي شفقت وعنايت ۽ رَحْمت جو سلسلو هتي ختم ناهي ٿيو) ان کان پوءِ الله پاڪ پنهنجي حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري اُمَّت جي تسڪين ۽ تسلي جي لاءِ فرمايو: جيئن توهان کان پهريان وارين اُمَّتن تي فرض ڪيا ويا هئا۔ (جواہر البیان، صفحہ:86بتغیر قلیل)

جيڪڏهن ڪو شخص بيمار ٿي وڃي ۽ ان بيماري کي مٿي تي سُوار ڪري وٺي، پريشاني ۾ ٻڏي وڃي ته ڊاڪٽر جو صِرْف هڪ جملو ان جي پريشاني پري ڪري ڇڏيندو آهي، ڊاڪٽر جڏهن چوندو آهي: پريشان ٿيڻ جي ڪا