Faizan e Ramzan

Book Name:Faizan e Ramzan

اچي ويو ته روزي جي حالت ۾ نڙي سڪڻ، آنڊن جو خشڪ ٿيڻ، بک ۽ اُڃ جو خوب اِحسَاس ٿيڻ روزي جي مقصدن مان آهي۔ جيڪڏهن اسان سحري ۾ ايترو پيٽ ڀري وٺون جو عام حالتن ۾ 2 مانيون کائون ٿا ته روزي ۾ بک اڃ کان بچڻ جي لاءِ 4 مانين سان سحري ڪرڻ شروع ڪيون، افطاري ۾ به خوب پيٽ ڀري کائون ۽ سڄو ڏينهن بک اڃ جو بالڪل احساس ئي نه ٿئي ته ان سان روزي جو اَصل مقصد فوت ٿي ويندو ۽ گڏوگڏ وڌيڪ کائڻ سان طبيعت بدمزه به رهندي بلڪه مِعدو خراب ٿيڻ جو به قَوِي امڪان آهي۔ تنهنڪري رمضان المبارڪ ۾ سحري افطاري ۾ به گھٽ کائڻ جي سُنّت تي پُورو پُورو عمل ڪري ثواب ڪمائڻ گھرجي۔

جيڪڏهن اسان مالدار آهيون، سحري افطاري ۾ 10 طعام تيار ڪرائي سگھون ٿا، افطار پارٽين تي هزارين روپيا خرچ ڪري سگھون ٿا، پر جيڪڏهن اسان گھٽ کائون، سحر و افطار ۾ سادگي اختيار ڪيون ته ڇا حرج آهي؟ جيڪڏهن غريبن جي غربت جو اِحسَاس وڌائڻ جي نيت سان، گھٽ کائڻ جي سُنَّت تي عمل جي نيت سان، کائڻ پيئڻ ۾ سادگي جي سُنّت تي عمل جي نيت سان سحر وافطار ۾ سادگي اختيار ڪئي وڃي ته اِنْ شَآءَ الله! ثواب جو خزانو هٿ ايندو۔

اسان جا بزرگ سڳورا مَاشَآءَ الله! سڀ کان جدا مرتبي جا مالِڪ هوندا هئا، انهن جي هر ادا ئي نرالي هئي، حضرت بِشۡر حافِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اولياءِ ڪرام جي صَف ۾ وڏو نالو آهي، هڪ ڀيري سياري جي موسم هئي، حضرت بِشۡر حافِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪنهن هنڌ سيء سبب ڏڪي رهيا هئا ۽ سردين وارو گرم لباس (مثال طور سُوَيٽر، جرسي وغيره) به وٽن موجود هو، ڪنهن عرض ڪيو: سائين! سيء به آهي، اوهان سيء سبب ڏڪي به رهيا آهيو، گرم لباس به موجود آهي ته اوهان اهو لباس ڇو نٿا پايو؟ حضرت بشر حافِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ايمان افروز جواب غور سان ٻڌو! فرمايائون: اي ڀاءُ! دُنيا ۾ غريب تمام گھڻا آهن، مون وٽ ايترو مال ناهي جو مان سڀني کي ڪپڙا ورهائي سگھان، جيئن ته مان سڀني کي گرم