Book Name:Faizan e Ramzan
حڪمت اها به بيان فرمائي آهي ته روزو فَقر و فاقي جو عَمَلي طَور تي اِحسَاس ڏياري ٿو۔ فَقْر ڇا آهي؟ غُرۡبَت ڇا آهي؟ گھر ۾ بُک هجي ته ڪيتري مشڪل ٿيندي آهي؟ هن ڳالھ کي جيتري به آسان لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي، اسان غربت ۽ فقيري جي معني ته سمجھي وٺنداسين پر ان جو پُورو اِحساس حاصِل نه ٿيندو، جيڪڏهن انسان پاڻ بک واري حالت مان گذري تڏهن ان کي غُربت جو حقيقي مفهوم سمجھ ايندو ۽ جڏهن هو حقيقي مفهوم سمجھي ويندو ته پاڻهي ئي غريبن، فقيرن جي خير خواهي ڏانهن مائِل ٿي ويندو۔
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا والِدِ محترم، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص هو، ان کي خير خيرات ڪرڻ جو گھڻو شوق هو، جيڪو ڪجهه هٿ ۾ ايندو هو اهو راھِ خُدا ۾ خرچ ڪندو هو، صدقو ۽ خيرات تمام سٺو، نيڪ عَمَل آهي پر ان شخص جي رشتيدارن کي ان جو اهو ڪم بُرو لڳندو هو، هو ان کان بيزار اچي ويا ته جيڪو ملي ٿو اهو سڀ ڪجھ ئي خرچ ڪري ڇڏي ٿو، نيٺ ان جي رشتيدارن ان کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ کاڌو وغيره به بند ڪري ڇڏيو ته جيئن هو (مَعَاذَ الله!)صدقي ۽ خيرات کان مڙي وڃي۔ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ جڏهن ان کي آزاد ڪيو ويو ته رشتيدارن جو ته اهو خيال هو ته هاڻي هو خرچ ۾ ڪمي ڪندو پر ان پهريان کان به وڌيڪ صدقو خيرات ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ رشتيدارن چيو: ڇا توهان کي هن قيد ۽ مشقت مان به سبق نه مليو؟ ان شخص چيو: سبق مليو آهي ۽ ان سبق تي ئي عمل ڪري رهيو آهيان، پهريان جڏهن مان بک اڃ ۽ فاقي مان پاڻ نه گذريو هئس ته ان وقت به مون کان ڪنهن جي غربت نه ڏٺي ويندي هئي، هاڻي ته مان غربت، بک ۽ اڃ جي شِدَّت کان آگاھ ٿي چڪو آهيان، ان ڪري هاڻي پهريان کان وڌيڪ صدقو ۽ خيرات ڪيان ٿو۔ (جواہر البیان، صفحہ:94بتغیر قلیل)
معلوم ٿيو روزو اسان کي بک ۽ اڃ جي شِدَّت جو اِحسَاس ڏياري ٿو، غريبن جي غربت جو اِحسَاس ڏياري ٿو، ان ڪري رمضان المبارڪ کي مُؤاسات جو مهينو چيو ويندو آهي۔ اي عاشقان رسول! هتي اهو راز به سمجھ