Book Name:Faizan e Ramzan
جڏهن رمضان المبارڪ جي اوڻٽهين رات ايندي آهي ته سڄي مهيني ۾ جيترا جهنّم کان آزاد ڪيا ويا هئا، انهن جي برابر ان هڪ رات ۾ آزاد ڪيا ويندا آهن۔ (کَنزُ الْعُمَّال، جزء:8، جلد:4، صفحہ:219، حدیث:23702ملتقطًا)
ڪاش! رمضان ۾ مغفرت جي خيرات ماڻڻ واري خوش نصيبن ۾ اسان جو به نالو شامِل ٿي وڃي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
عصیاں سے کبھی ہم نے کنارہ نہ کیا پَر تُو نے دِل آزُردہ ہمارا نہ کیا
ہم نے تو جہنّم کی بہت کی تجویز لیکن تری رحمت نے گوارا نہ کیا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
رمضان المبارڪ جي ٻن نالن جي وضاحت
حضرت سليمان فارسي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ روايت ڪن ٿا: الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شعبان جي آخري ڏينهن رمضان المبارڪ جون فضيلتون بيان ڪيون، ان ۾ فرمايائون: هوَ شَهرُ الصَّبْرِ رمضان صبر جو مهينو آهي ۽ صبر جو ثواب جنت آهي، رمضان المبارڪ مُؤاسات جو مهينو آهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الصیام، جلد:3، صفحہ:305، حدیث:3608)
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جو صبر وارو مهينو هئڻ ته بالڪل واضِح آهي، ڇوته هن مهيني ۾ کائڻ پيئڻ کان ۽ هر ان شيء کان جنهن سان روزو ٽٽي ويندو آهي، ان کان صبح کان شام تائين صبر ڪيو ويندو آهي، لهٰذا هن کي صبر جو مهينو چوندا آهن۔ باقِي رهيو هن کي ”مُؤاسات جو مهينو“ چوڻ ته هن جو سبب اهو آهي جو مُؤاسَات جي معني آهي: همدردي، ڀلائي ۽ غم خواري۔ ڇو ته رمضان المبارڪ ۾ سڀني مسلمانن کان، خاص ڪري قريبي رشتيدارن کان ڀلائي ڪرڻ وڌيڪ ثواب آهي، ان ڪري هن کي مُؤاسَات وارو مهينو چوندا آهن۔ عالم سڳورن روزو فرض هئڻ جي حڪمتن مان هڪ