Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

الْعَبْدُ فِیْ عَوْنِ اَخِیْہِ ٻانهو جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو آهي، الله پاڪ ان جي مدد فرمائيندو آهي۔ (ابو داؤد، کتابُ الْاَدب، صفحہ:775، حدیث:4946)

حديث سڳورين ۾ طَاعُون ڦهلجڻ وارن ڏينهن ۾، طاعُون کان ڊڄي ڀڄڻ کان منع ڪيو ويو آهي، ان جي هڪ حڪمت بيان ڪندي مُفسّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: وَبا ۾ اڪثر قريبي مائٽ ۽ دوست ۽ اَحبَاب بيمار ٿي ويندا آهن، جنهن سان اهي ڀڄي نٿا سگھن، جيڪڏهن اهڙن موقعن تي تندرستن کي ڀڄڻ جي اجازت ڏني وڃي ته انهن بيمارن جي سار سنڀار ڪير لهندو، اهي ماڻهو يقيناً سخت تڪليف سان مرندا ۽ انهن کي ڪفن به ميسر نه ايندو۔ ان ڪري اتي ترسڻ وڏي ثواب جو ڪم آهي جيئن جهاد جي صف ۾ ترسڻ۔ مفتي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: مون پاڻ ڏٺو آهي ته هڪ ڀيري بَدَايون (هند) ۾ طاعُون ڦهلجي ويو، مسلمانن جا جنازا وڏي عزت ۽ احترام سان کنيا ويندا هئا، جنازي سان گڏ وڏو عوام هوندو هو ۽ قبرستان تائين نعت خواني ٿيندي هلندي هئي، جڏهن ته غير مسلمن جي لاشن کي حڪومت ڇڪڙن ۽ ڍڳي گاڏين ۾ رکرائي پري اڇلايو، يا زمين ۾ پوريو ويو، ڇوته انهن جا صحتمند ماڻهو انهن کي ڇڏي ڀڄي ويا هئا، هن واقعي مان ڪيئي غير مسلم ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا۔ (تفسیر نعیمی، پارہ1، سورۃ البقرہ، تحت الآیۃ:59جلد:1، صفحہ:517خلاصۃً)

 

  پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! عاشقانِ رسول جي دِيني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ دِين جو ڪم ڪرڻ ۾ مَصرُوف آهي ۽ مَاشَآءَالله! بانيءِ دعوتِ اسلامي، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه جي ڏُکايل اُمّت جي خير خواهي واري سوچ، مرحبا! 2005 ۾ زلزلو آيو جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ فوتگيون ٿيون، ڪيئي ڳوٺن جا ڳوٺ ختم ٿي ويا، ڪيئي گھر ٽُٽي ويا، ڪيئي ماڻهو معذور ٿي ويا، ٻوڏ آئي ۽ هاڻي ڪرونا جي ڪري غريب ويچارا مشڪلات جو شِڪار ٿيا ته الحمد لله! دَعوَتِ اسلامي جي شعبي فيضان گلوبل رِيليف فاؤنڊيشن(FGRF) وڌ کان وڌ