Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

اهو شهيد آهي ۽ جيڪو طاعُون جي ڏينهن ۾ صبر سان رهي اهو راھ خُدا ۾ اسلامي سَرحَد جي حِفَاظت ڪرڻ وارن جيان آهي۔ (معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:150، حدیث:5531)

          وبائون ۽ آفتون اچڻ جي هڪ حِڪمت ٻانهن کي اُنهن جي اَوقات ياد ڏيارڻ به آهي، جڏهن انسان پنهنجي اَوقات کي وساري ويهندو آهي، تڪبر سبب تيز ڳالهائيندو آهي، معاذ الله! تڪبر ڪندي زبانِ حال سان الله پاڪ جي قدرت کي چيلنج ڪندو آهي ته ان کي اوچتو ايندڙ آفتن ۾ مبتلا ڪري ان جي اَوقات ياد ڏياري ويندي آهي، هينئر ڏسي وٺو! ٽيڪنالوجي ڪيڏي عُرُوج تي آهي، چنڊ تي پهچڻ بلڪ هاڻي ته مريخ تي لهڻ جون به خبرون عام آهن، سائنس توڙي جو هڪ سٺو عِلم آهي پر اهڙن نادان انسانن جو به هڪ تعداد آهي جيڪي سائنس کي بنياد بڻائي الله پاڪ جي دِين کي چيلنج ڪن ٿا، الله پاڪ جي اَحڪامن کي بناوٽي ۽ پُراڻيون ڪهاڻيون چون ٿا، بلڪه معاذ الله!  ڪي اهڙا به بي عقل  آهن جيڪي سائنس کي بنياد بڻائي الله پاڪ ئي جو انڪار ڪري رهيا آهن، پنهنجي عارضي، فاني ۽ آلات جي محتاج طاقت کي ڏسي غرور ۽ تڪبر ۾ بي قابُو ٿي ويندا آهن ۽ جيڪي الله پاڪ کي مڃن ٿا، انهن ۾ به هڪ تعداد آهي جيڪو جدت، فيشن، ترقي جو نالو وٺي زبان سان نه سهي پنهنجي عمل سان الله پاڪ جي دين ۽ احڪام کي ڇڏي رهيا آهن، قرآني آيتن ۽ حديثن جو مذاق اُڏايو پيو وڃي، اهڙين حالتن ۾ جڏهن دُنيا غرور ۽ تڪبر جي نشي ۾ مست هئي، الله پاڪ هڪ ڪرُونا وائِرس موڪليو، جيڪو ايترو ننڍو آهي جو اک سان نظر نٿو اچي، هڪ تحقيق مُطَابق سڄي دُنيا ۾ جيڪو ڪرونا ڦهلجو، ان کي جيڪڏهن گڏ ڪيو وڃي ته 2 چمچا کنڊ جي مِقدار برابر مَس ٿيندو، ايتري ننڍي ڪرونا سڄي دُنيا جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو، هڪ وَقت جي لاءِ سڄي دُنيا پريشان ٿي وئي، لاڪ ڊاؤن لڳي ويا، ڊاڪٽرز عِلاج ۾ ناڪام ٿيندا رهيا، ڪرُونا کي روڪڻ، ان کي ختم ڪرڻ وڏو خطرو بڻجي ويو، سائنسدان ڏندن سان آڱريون چٻاڙي حيرت سان ڏسندي ئي رهجي ويا ۽ ڪوبه ڪجھ نه ڪري سگھيو، اها آهي انسان جي اَوقات، الله پاڪ اهڙيون آفتون موڪلي