Book Name:Wabae Amraz or islam
ٿينديون آهن،صدرُ الشريعه، حضرت علامه مولانا مفتي محمد اَمجَد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيماري به هڪ تمام وڏي نعمت آهي، ان جا فائدا بي شُمار آهن، توڙي انسان کي بظاهر ان سان تڪليف پهچندي آهي پر حقيقت ۾ راحت ۽ آرام جو هڪ تمام وڏو ذخيرو هٿ ايندو آهي، اها ظاهري بيماري جنهن کي انسان بيماري سمجھي ٿو، حقيقت ۾ رُوحاني بيمارين جو هڪ وڏو زبردست علاج آهي، حقيقي بيماريون ته رُوحاني مرض (مثال طور دنيا جي محبت، دولت جو حِرص، بخل، دِل جي سختي وغيره) آهن، ڇوته اهي مرض تمام خوف وارا آهن ۽ انهن کي مُهلِڪ مرض (يعني هلاڪ ڪرڻ واري بيماري) سمجھڻ گھرجي۔ (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ:799، حصہ:4) حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ الله پاڪ پنهنجي ٻانهي کي بيماري ۾ مبتلا ڪندو رهندو آهي ايستائين جو ان جو هر گُنَاھ مٽائي ڇڏيندو آهي۔ (مستدرک، کتابُ الجنائِز، صفحہ:669، حدیث:1326) حضرت ابوهريره رَضِي الله عَنه روايت ڪن ٿا، الله جي پياري، اُمَّت جي سهاري، سڀني کان پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو هڪ رات بخار ۾ مبتلا ٿئي ۽ ان تي صبر ڪري ۽ الله پاڪ سان راضِي رهي ته پنهنجي گُنَاهن کان ائين پاڪ ٿي ويندو جيئن ان ڏينهن سندس ماءُ ان کي ڄڻيو هو۔ (شُعَبُ الْاِیْمان، صفحہ:167، حدیث:9868)
یہ ترا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر یہ مرض تیرے گُنَاہوں کو مٹا جاتا ہے
اَصْل بربادکُن امراض گُنَاہوں کے ہیں بھائی! کیوں اس کو فراموش کیا جاتا ہے؟
یہ ترا جسم جو بیمار ہے تشویش نہ کر یہ مرض تیرے گُنَاہوں کو مٹا جاتا ہے
اَصْل بربادکُن امراض گُنَاہوں کے ہیں بھائی! کیوں اس کو فراموش کیا جاتا ہے؟
وبائن خاص ڪري طاعُون کي ته هن اُمَّت جي حق ۾ رَحمت جو سبب قرار ڏنو ويو آهي۔ مُعجَمِ اَوسط جي روايت آهي، رسولِ خُدا، اَحمَدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: طاعُون منهنجي اُمّت جي لاءِ شَهادَت آهي، اها هڪ ڳڙ آهي جيڪا بغلن ۽ نرم جڳهن تي نڪرندي آهي، جيڪو هن وباء سان مَري وڃي