Book Name:Wabae Amraz or islam
نافرماني آهي۔
اها دنيا دَارُ الاَسبَاب آهي، الله پاڪ پنهنجي ڪامل حڪمت سان هر شيءِ جا اسباب پيدا ڪيا آهن ۽ ڪمن جي نتيجن کي انهن سببن سان ڳنڍي رکيو آهي، باھ ۾ هٿ وجھڻ سان هٿ سڙي ٿو، پاڻي پيئڻ سان اڃ ختم ٿئي ٿي، کاڌو کائڻ سان بک مٽجي ٿي، هر شيء هن دُنيا ۾ اَسبَاب تحت هلي ٿي، جيڪو شخص انهن سببن کي ڇڏي ڏئي ٿو اهو تَوَڪل اختيار نٿو ڪري بلڪه الله پاڪ جي ڪامل حڪمت جو انڪار ڪري ٿو۔ تَوَڪل ڀروسي کي چون ٿا ۽ ڀروسو دِل جي هڪ ڪيفيت آهي، ظاهر ۾ سبب اختيار ڪري ڀروسو انهن سببن بدران الله پاڪ تي رکڻ، اهو اَصل تَوَڪل آهي۔ جيڪو شخص سبب تَرڪ ڪري ٿو، اهو تَوَڪل ناهي ڪندو، معاذ الله! الله پاڪ جي ڪامل حڪمت جو خِلاف ڪري ٿو۔
الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام ڪيترا تَوَڪل وارا هئا؟ سڄي زِندگي پنهنجو گھر نه ٺاهيو، پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ پيالو هو، هڪ وَقت آيو جو اهو به پاڻ وٽ نه رکيائون ۽ ٻُڪ جي ذريعي پاڻي پيئڻ لڳا، ڪيتري ڪمال جو تَوَڪل هو؟ هڪ ڀيري شيطان سندن وٽ آيو، چيائين: اي عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام! اوهان الله پاڪ تي تَوَڪل رکو ٿا؟ فرمايائون: هائو بلڪل رکان ٿو۔ چيائين: جيڪڏهن ايئن آهي ته سامهون جبل تي چڙھي ٽپ ڏيو، ڏسون ٿا، اوهان جو رَبّ اوهان کي بچائي ٿو يا نه۔ فرمايائون: اي مَردُود! مان الله ڪريم تي ڀروسو رکان ٿو، پر ان جو امتحان نٿو وٺان۔
(فتاوی رضویہ، جلد:24، صفحہ:267خلاصۃً)
الله! الله! خبر پئي ته جيڪو احتياطي تدبيرون اختيار نٿو ڪري ۽ پاڻ کي هلاڪت تي پيش ڪري ٿو، اهو تَوَڪل نٿو ڪري بلڪ معاذ الله! الله پاڪ جو امتحان وٺي ٿو۔ الله جي پناھ! الله جي پناھ...!!
جنّتي صحابي حضرت اُسَامه بِن زيد رَضِي الله عَنه کان روايت آهي، الله جي