Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

لِّكَیْلَا تَاْسَوْا عَلٰى مَا فَاتَكُمْ وَ لَا تَفْرَحُوْا بِمَاۤ اٰتٰىكُمْؕ-وَ اللّٰهُ لَا یُحِبُّ كُلَّ مُخْتَالٍ فَخُوْرِ  ۙ ﹰ(۲۳)  (پاره27،سورۃالحديد:23)

ترجموڪنزالايمان: هن لاءِ ته توهان ڏک نه ڪيو ان تي جيڪو توهان جي هٿ کان وڃي ۽ خوش نه ٿيو ان تي جيڪو توهان کي ڏنائين ۽ الله کي پسند نه آهي ڪوبه آڪڙ ڪندڙ ۽ وڏائي ڪندڙ.

 يعني اي انسانو! توهان کي جيڪو ملي ٿو، الله پاڪ جي طرفان ملي ٿو، لهٰذا ان تي تڪبر ڪرڻ خلافِ عقل آهي، هئڻ ائين کپي ته ٻانهو نعمت ملڻ تي شڪر ادا ڪري ۽ جيڪا مصيبت، پريشاني، بيماري اچي ٿي اها به الله پاڪ جي حڪم سان، تقدير ۾ لکيل جي مطابق اچي ٿي، جڏهن مُعَامَلو اهڙو آهي ته غم ۾ ٻڏڻ، خوف زَده ٿي همت هارڻ، دانهون ڪرڻ، شور شرابو ڪرڻ هڪ عقل مند کي ڪيئن جڳائي ٿو، ان ڪري ٻانهي کي گھرجي جيئن به مشڪل اچي، همت نه هاري بلڪ حوصلو ڪري ۽ الله پاڪ جي رحمت تي اُمِّيد رکي۔

 ان سان گڏوگڏ اهو به ياد رهي ته همت ۽ حوصلي جو مطلب اهو ناهي ته انسان پاڻ کي موت جي حوالي ئي ڪري ڇڏي، اسلام هن جي به هرگز اجازت نٿو ڏي، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لَا تُلْقُوْا بِاَیْدِیْكُمْ اِلَى التَّهْلُكَةِ ﳝ-  (پاره2،سورۃالبقرۃ:195)

ترجموڪنزالايمان:۽ پنهنجي هٿان هلاڪت ۾ نه پئو.

 اسلام صراطِ مستقيم آهي، اسلام اسان کي وچٿري راھ تي هلائي ٿو، نه ته اسان کي همت هاري بلڪل مايوس ٿيڻو آهي ۽ نه پاڻ کي ضرورت کان وڌي اهم سمجهڻ جو شِڪار ٿي پاڻ کي مصيبت جي حوالي ڪرڻو آهي، اسان جو اهو جسم، اسان جي جان الله پاڪ جي امانت آهي، هن جي حِفَاظت ڪرڻ اسان جي ذِمّيداري آهي، پاڻ کي هلاڪت تي پيش ڪرڻ، احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ، سببن جي پرواھ نه ڪرڻ حقيقت ۾ تَوَڪل نه آهي، بلڪ الله پاڪ جي